يوڪرائين جنگ کان پوءِ جُڙندڙ جَهانُ

0
38
يوڪرائين جنگ کان پوءِ جُڙندڙ جَهانُ

جيتوڻيڪ مونکي پنهنجي گذريل ڪالم ۾ يوڪرائين جنگ متعلق آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ڪوششن جو تفصيلي تجزيو پيش ڪرڻو هو، پر ان ۾ عالمي سياسي نظرين تي وڌيڪ ويچار ونڊڻا پئجي ويا هئا ته جيئن انهن  آڌار اسانجا پڙهندڙ وڌيڪ آسانيءَ سان يوڪرائين جنگ کان پوءِ، امڪان واري جُڙندڙَ جهانُ جي ان سياسي ترتيب کي سمجھي سگهن، جنهن کي عرف عام ۾ world order سڏيو وڃي ٿو.

                 بين الاقوامي تعلقات ۾ ورلڊ آرڊر انهيءَ سياسي طرز يا طريقي کي سڏيو ويندو آهي، جنهن ذريعي دنيا جي مختلف قومن يا ملڪن جي وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي جا معاملا،  منظم، مستحڪم ۽ پائدار بنيادن تي استوار ٿين. ورلڊ آرڊر، عالمي توڙي علائقائي طاقتن ۽ هنن جي سياسي نظرين، هڪٻئي سان جڙيل ملٽري ۽ معاشي اتحادن، سندن طرفان قائم ڪيل عالمي ادارن ۽ انهن جي جوڙجڪ کي چئجي ٿو. ياد رهي ورلد آرڊر هڪ سياسي نظام ناهي هوندو پر دنيا ۾ مروج سياسي نمونو يا pattern ٿي سگهي ٿو. اها ڳالھ هاڻي واضح ٿيندي وڃي ٿي ته ٽن سالن تي محيط يوڪرائين جي جنگ جي نتيجي ۾ موجوده “يڪ قُطبي” unipolar ورلڊ آرڊر پنهنجي پڄاڻي طرف وڃي رهيو آهي، بلڪل ايئن جيئن 1990 ۾، برلن جي ديوار ڊهڻ سان “بائپولر آرڊر” جي ختم ٿيڻ جي شروعات ٿي هئي. البته هتي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ٻي عالمي جنگ کان پوءِ انهيءَ ورلڊ آرڊر، انسان کي هڪ مضبوط ۽ مستحڪم دنيا ٺاهي ڏني هئي.

هن وقت عالمي سياست ۾ دنيا جون اڪثر طاقتور رياستون پنهنجن قومي مفادن کي عالمي ادارن جي فيصلن مٿان ترجيح ڏيئي رهيون آهن، تنهنڪري مستقبل جو عالمي آرڊر ممڪن طور تي اقتصادي انحصار ۽ اسٽريٽجڪ قومپرستي جي ميلاپ سان ٺهندي نظر اچي ٿو. هتي اها ڳالھ سمجهڻ ضروري آهي ته اسٽريٽجڪ قومپرستي، روايتي قومپرستي جي اها شڪل آهي، جنهن ذريعي رياست کي پنھنجا مخصوص سياسي، اقتصادي، يا سيڪيورٽي مفاد حاصل ٿيندا آهن. يوڪرائين جي جنگ ۽ خاص طور ٽرمپ جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ عالمي سياست ۾ هڪ غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿيل آھي ۽ دنيا nationalism  قوم پرستي ۽ globalism “عالمگيريت” وارن ڪئمپن ۾ ورهائجي چڪي آهي. هڪ طرف دنيا جي ٽن وڏين طاقتن، آمريڪا، روس ۽ چين جا سربراه قوم پرستي کي هٿي ڏيئي رهيا آهن ته ٻئي طرف يورپي يونين ۽ ڪيناڊا جھڙا ملڪ عالمگيريت جا دعويدار آھن ۽ فرانس جو صدر ميڪرئان هن گروہ جو نمائندو ٿي اڀريو آهي. اهڙي طرح موجوده دنيا خاص طور يورپ گلوبلزم ۽ نيشنلزم يعني عالمگيريت ۽ قومپرستي جي نظرين ۾ ورهايل  نظر اچي ٿي.

عالمگيريت يا گلوبلزم جا حامي، يورپ ۾ يورپي اتحاد، اسلامي ملڪن ۾ مذهبي اتحاد،  ملڪن وچ ۾ آزاد واپار، بلڪه هر شئي ۾ بين الاقوامي تعاون ۾ يقين رکندڙ آهن. جڏهن ته قوم پرست، قومي sovereignty، ثقافتي ۽ تجارتي آزادي ۽ تحفظ، ۽ اميگريشن جي سخت  قانونن  تي زور ڏين ٿا. گلوبلائيزيشن نظريي وارن جو چوڻ آهي ته عالمي چئلينجن کي اجتماعي طاقت ۽ سهڪار سان منهن ڏيئي سگهجي ٿو. جنگين کي روڪڻ، هڪ ٻئي سان اقتصادي تعاون ڪرڻ، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ وغيره گلوبلزم ذريعي ئي حاصل ٿي سگھي ٿو. ان جي ابتڙ قومپرست نظريو، قومي اقتدارِ اعليٰ، ثقافتي ۽ تهذيبي سڃاڻپ سان گڏ قومي خودمختياري تي زور ڏئي ٿو، جنهن ۾  قومي مفادن کي اوليت حاصل آهي. قومپرستن وٽ هن وقت هر عالمگير نظريي متعلق تحفظات آھن، پوءِ اهو کڻي مارڪسي نظريو هجي، سرمائيداري وارو هجي، يا مذهبي نظريو. خاص طور يورپ جو نوي سيڪڙو نوجوان طبقو گلوبلائيزيشن ۽ نِيو لِبرل neoliberal اقتصادي پاليسين جو مخالف آهي. هو بي روزگاري، مهانگائي، آزاد واپار، ۽  ڌارين جي آبادڪاري کي پنهنجي روشن مستقبل جي راه ۾ وڏي رڪاوٽ سمجھندي عالمگيريت ۽ آزاد واپار وارن نظرين کي ان جو مُکُ جوابدار سمجھي، ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي.

برطانيا جي نوجوان جو Brexit ريفريندم ذريعي يورپي يونين مان نڪرڻ جي فيصلي پٺيان انهيءَ قوم پرستي جو جذبو ڪارفرما هو. گلوبلزم جي نالي ۾ اوڀر يورپ جي ملڪن جي نوجوانن کي پنهنجي ڪمائي مان  حصو پتي ڏيڻ کي هنن پنهنجي حقن تي ڌاڙو پئي سمجھيو. هينئر جرمني ۽ فرانس جا نوجوان به پنهنجن پنهنجن ملڪن جي غير يقيني واري اقتصادي صورتحال، ڌارين جي آبادڪاري، بيروزگاري جو الزام يورپي يونين تي عائد ڪندي، ان کي ملڪ جي سياسي اسٽيبلشمينٽ جو قائم ڪيل هڪ بيوروڪريٽڪ ۽ غير موثر ادارو سمجھي رهيا آهن.

يورپ کي ڇڏي دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن نظر ڦيرائڻ سان به معلوم ٿئي ٿو ته عام نوجوان، خواه ان جو تعلق ساڄي ڌر جي پارٽين سان هجي يا کاٻي ڌر سان، پر هو عالمگيريت بدران قوم پرستي کي وڌيڪ ترجيح ڏيئي رهيو آهي ۽ پنھنجن قومي مسئلن تي سوشل ميڊيا کي موثر انداز ۾ استعمال ڪري رھيو آھي. يورپ جي ساڄي ڌر جي قوم پرست پارٽين ۾ فرانس جي national rally جرمني جي AFD ۽ اٽلي جي برادر پارٽي ۽ کاٻي ڌر جي قوم پرست پارٽين ۾ اسڪاٽلينڊ ۽ ڪيٽلينا جون علحدگي پسند پارٽيون اچي وڃن ٿيون، جيڪي شايد اڳتي هلي يورپي يونين جي مستقبل تي، پنهنجن پنھنجن ملڪن ۾ ريفرينڊم جو مطالبو ڪري سگهن ٿيون.ٻئي طرف غير ملڪي سوشل ميڊيا تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته يورپ جو نوجوان نسل به، پاڪستاني نوجوان وانگر، پنهنجي ملڪ جي “گلوبلسٽ اشرافيه” خلاف جنگ جو ميدان سنڀاليو ويٺوآهي. موجوده عالمي سياست ۾ آمريڪا جو ٽرمپ، چين جو صدر شي، پيوٽن،  اٽلي، ترڪي ۽ هنگري جا ليڊر، مِلاني، طيب اُردوان ۽ وڪٽر اوربان جو تعلق قوم پرست فڪر جي اسڪول سان آهي. صدر شي جيتوڻيڪ ڪميونسٽ پارٽي سان تعلق رکي ٿو پر، چين جي ٽيڪنالاجي ۽ سياسي پاليسين جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ سندس نالو دنيا جي اسٽريٽجڪ قوم پرستن ۾ شامل ٿئي ٿو. آمريڪا ۾ ايلن مسڪ ۽ ان جهڙا ٻيا کرب پتي سرمائيدار به دل جي گهراين سان  آمريڪي قوم پرستي جو پرچار ڪري رھيا آھن.

هونئن به ڏٺو وڃي ته مارڪسزم جهڙي عالمگير نظريي، قوم پرستي هٿان تڏهن شڪست کاڌي هئي، جڏهن بالٽڪ رياست ليٿونيا 1990 ۾ وڏي واڪ سوويٽ يونين کان، پنهنجي علحدگي جو هڪ طرفو اعلان ڪيو هو. اڄ جي روس ۽ يوڪرائين جي جنگ جو اصل محرڪ به قوم پرستي آهي. تاريخ جو اهو ڪيڏو نه وڏو فيصلو آهي جو مارڪسزم جي شڪست کان پوءِ سرمائيدار نظريي جو  سرواڻ آمريڪا به، ٽرمپ جي قيادت ۾ America First  واري قوم پرست نظريي هيٺ عالمگير حيثيت وارن فوجي ۽ اقتصادي تنظيمن جي اتحاد کان نڪرڻ جا بهانا ڳولهي رهيو آهي. ٻئي طرف يوڪرائين جو زليينسڪي، ڀارتي وزيراعظم مودي ۽ اسرائيل جو نيتن ياهو دنيا جا اهي ليڊر آھن، جن کي نسل پرست يا فاشسٽ قوم پرست چئي سگھجي ٿو. مودي جيتوڻيڪ دنيا جي تمام وڏي جمهوريت جو اڳواڻ آهي، عالمي سياست جا شاگرد سندس نالو به دنيا جي قوم پرست ليدرن ۾ شامل ڪندا اهن. پر ڀارت جي رياستي سياست ۾ هن جو ڪردار هرطرح قابل مذمت آهي.

غور سان ڏسبو ته عالمگيريت يا گلوبلزم ۾ ويساه رکندڙ هاڻي فقط جماعت اسلامي جهڙيون پارٽيون ۽ يورپ جا ليڊر وڃي رهيا آهن، جن ۾ فرانسيسي صدر ميڪرئان جو نالو سر فهرست اچي ٿو. ٻين يورپي ليدرن سان گڏ، هو به يوڪرائين سان همدردي رکندڙ ۽ ان کي يورپي يونين ۽ نيٽو ۾ ضم ڪرڻ جو حامي ۽ سڄي يورپ جي دفاعي ذميواري کڻڻ لاءِ آتو آهي. ياد رهي ته فرانس، نيٽو جي ميمبر ملڪن ۾، آمريڪا کان پوءِ ٻيو نمبر جاءِ والاري ٿو ۽ هن جي  يورپي دفاعي فنڊ  EDF  ۽ پيسڪو Permanent Structured Cooperation  ۾ سڀني يورپي ملڪن کان وڌيڪ سيڙپڪاري آهي. برطانيه جيتوڻيڪ طاقتور ملڪ آهي پر آبادي ۽ ملٽري طاقت جي لحاظ کان هو فرانس جي جوڙ جو ملڪ شمار نٿو ٿئي. باقي جرمني يورپ جو اقتصادي سپر پاور ھجڻ باوجود فوجي قوت ۾ تُرڪيه کان به پٺتي پيل ملڪ سمجهيو وڃي ٿو. تنهنڪري ايٽمي طاقت هئڻ باوجود فرانس ۽ برطانيا، روس جي مقابلي ۾ گڏجي به يورپ کي nuclear umbrella فراهم نٿا ڪري سگهن. آمريڪي مدد کان سواءِ يورپ ۽ يوڪرائين جي دفاعي ذميواري کڻڻ واري فرينچ صدر جي ڳالھ  هڪ سياسي ٻٽاڪ کان وڌيڪ ڪا حيثيت نٿي ڏني وڃي.

هاڻي اچو ته منهنجي گذريل ڪالم ۾ ذڪر ٿيل Theory of Realism ۽ مستقبل جي ڌنڌيل سياسي پردي پٺيان آهستي آهستي  ظاهر ٿيندڙ “گلوبلسٽ ۽ نيشنلسٽ ملٽي پولر ورلڊ آرڊر” جي روشني ۾ يوڪرائين جي جنگ جو تجزيو ڪريون. پڙھندڙن کي ياد هوندو ته صدارتي حلف کڻڻ کان پوءِ صدر ٽرمپ يوڪرائين ۾ امن ڪرائڻ تي زور ڏنو هو ۽ واشگاف لفظن م سياسي اصطلاح  peace through strength  يعني طاقت جي ذريعي امن قائم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي هئي ۽ پوءِ زليينسڪي سان ملاقات ۾ کيس جيڪا اک ڏيکاري هئي، ان جو ٽي وي اسڪرين تي مزو پوري دنيا ورتو هو. اسان کي اهو به سمجھڻ ضروري آهي ته دنيا جو ڪار وهنوار ورلڊ  آرڊر سان گڏ ريجنل آرڊر تي به هلندو آهي ۽ مارڪسي فلسفي مطابق معاشي يا اقتصادي انحصار ۽ بيٺڪيت وارو ورثو ريجنل آرڊر ٺاهڻ تي اثر انداز ٿيندو آهي. ريجنل آرڊر متعلق پياري پاڪستان جو مثال اسان جي سامهون آهي. عرب ملڪن تي معاشي انحصار ۽ ورثي ۾ مليل بيٺڪيت واريون پاليسيون اسان جي ملڪي سياست تي مڪمل طور اثر انداز آهن. باقي امريڪا ته دنيا جو ڀاري ڀرڪم ۽ تسليم ٿيل اڪيلو سپر پاور آهي، جنهن جي ڊالر تي يوڪرائين جي روزمره جو ڪاروبار هلي ٿو، پوءِ سندس ڪهڙي مجال ته هو امريڪا جي حڪمن جي انحرافي ڪن. بيٺڪيت جا اثر يوڪرائين تي اڄ به موجود آهن. اتان جو دانشور جڏهن ڪميونسٽ هو، تڏھن سندن محبت جو محور ماسڪو هو، سندس هر حڪم اکين تي. ڪي ٿورا قوم پرست خاموش ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. وري جڏهن ماسڪو مخالف ٿيا ته پيار جو مرڪز برسيلز ۽ واشنگٽن ٿيا. يوڪرائيني ٻنهي جا ٻَانهُن ٻڌا ٻانها ٿي بيٺا. يورپي يونين ۽ نيٽو لاءِ ڏھ لک جانين جو نذرانو ڏيئي اچي اتي پهتا جو هاڻي کين واشنگٽن جو واءُ اڻائو لڳڻ شروع ٿيو آهي.

هونئن به سابق صدر بائيڊن جي يوڪرائيني پاليسي کي هڪ سياسي جُوئا چئي سگهجي ٿو، جتي آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ جا سڀ اندازا ۽ پاليسيون ناڪام ثابت ٿيون ۽ آمريڪا کي سياسي شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. جڏهن ته روس مڪمل طور سياسي ۽ جنگي ڪاميابي ماڻي چڪو آهي. يوڪرائين تي حملي وقت پيوٽن ان کي اسپيشل آپريشن جو نالو ڏنو هو، جنهن م هن پنهنجا ٻه هدف، پهريون يوڪرائين کي نيٽو جو ميمبر ٿيڻ کان روڪڻ ۽ ٻيو “نازي قسم” جي “قوم پرستن” کي سبق سيکارڻ ٻڌايو هو.

يوڪرائين جي گادي ڪيف ۾ تعليم دوران، مون اتان جي قوم پرست intellegentia کي ويجهي کان ڏٺو ۽ ٻڌو هو. هو خانگي ڪچهرين ۾ روسين لاءِ گُٿا لفظ ڪڍندا هئا ۽ کين Rusak جي نالي سان سڏيندا هئا. هونئن روسي ٻولي ۾ جهنگلي سَهي کي به روساڪ چئجي ٿو پر ساڳئي وقت بدشد لفظن ڳالهائڻ وقت ڪنهن کي روساڪ چئي بي آبرو به ڪيو ويندو آهي. 1928ع يا 1929ع ۾ سوويٽ purges جي شروعات به يوڪرائين جي قوم پرست انجنيئرن کي موت جي سزائن  ڏيڻ سان شروع ٿي هئي. سوويٽ يونين جي ڏِينهنِ جو، منهنجو ذاتي مشاهدو آھي ته جيئن جيئن سوويٽ يونين جي حياتي جا ڏينهن ختم ٿيڻ کي ويجهو ايندا پئي ويا، تيئن تيئن يوڪرائيني قوم پرستن روسي ڳالهائيندڙ ماڻھن ڏانھن ڇڙواڳ ۽ وحشياڻو رويو اختيار ڪيو هو. ڪجھ ويجها يوڪرائيني دوست اسان کي به روسي ٻولي ڳالهائڻ کان جهليندا هئا. منهنجا اهڙا تجربا سوويٽ يونين جي خاتمي کان ٻه  ٽي سال پوءِ جا به آهن. تصور ڪريو ته جيڪڏهن شروعات ايئن هئي ته 2022ع تائين پل هيٺان ڪيترو پاڻي وهي چڪو هوندو. تنهنڪري پيوٽن جڏهن  يوڪرائيني قوم پرستن کي فاشسٽ سڏي ٿو ته مان کيس حق بجانب سمجهان ٿو پر هن جنهن وحشياڻي انداز ۾ دنيا جي هن خوبصورت ترين قوم جو قتل ڪيو آهي، اهو  ناقابلِ معافي جرم آهي.

تاريخي طور ٽيهن سالن کان پوءِ روس ۽ آمريڪا اسانکي ٻيو دفعو هڪ پيج تي نظر اچي رهيا آهن. پهريون دفعو 1990ع ۾، جڏهن عراق ڪويت تي حملو ڪيو هو، تڏهن گورباچيف دنيا جي ذات ڪميونسٽن کي مايوس ڪري صدام خلاف آمريڪي موقف جي حمايت ڪئي هئي ۽ هينئر ٽرمپ پوري يورپ کي پٺي ڏيئي پيوٽن سان ٺاھ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي.