وڊيو شيئرنگ سائيٽ يوٽيوب واهپيدارن لاءِ آمدني جو هڪ نئون ذريعو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اوهان يوٽيوب تي لائيو اسٽريمنگ ڪرڻ پسند ڪريو ٿا ته ڪمپني طرفان ڪمائڻ جو نئون موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي. يوٽيوب طرفان تخليقڪارن لاءِ جيولز نالي هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن تحت هو ورٽيڪل لائيو اسٽريمز ذريعي آمدني حاصل ڪري سگهندا.

جيولز هڪ اهڙي ڊجيٽل ڪرنسي آهي جيڪا اوهان پنهنجي پسنديده تخليقڪارن ڏانهن ” گفٽ“ طور اُماڻي سگهو ٿا. اِها گفٽ انيميشن جي صورت ۾ لائيو اسٽريمز جي اسڪرين تي نظر ايندي. نئون فيچر ٽِڪ ٽاڪ جي لائيو گفٽ فيچر سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن ۾ واهپيدار ڪوائنز خريد ڪري تحفي طور موڪليندا آهن.

يوٽيوب طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ناظرين جيولز کي استعمال ڪري گفٽ اُماڻيندا جيڪي تخليقڪارن کي روبيز جي صورت موصول ٿيندا، هڪ روبي جي عيوض هڪ آمريڪي سينٽ ملندو، يعني سئو روبيز جي بدلي هڪ ڊالر ملندو.

ايندڙ ٽن مهينن تائين اهل تخليقڪار جيولز ذريعي ٿيندڙ آمدني تي پنجاهه سيڪڙو بونس به حاصل ڪري سگهندا.

تخليقڪارن کي تحفو ان وقت ملي سگهندو جڏهن هو ورٽيڪل لائيو اسٽريم يوٽيوب تي ڪندا ۽ واهپيدار رڳو موبائيل ايپ تي ئي جيولز موڪلي سگهندا. اِهو فيچر في الحال آمريڪا ۾ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي پر اميد آهي ته تمام جلد سموري دنيا جي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.