لاهور(شوبز نيوز) ٽڪ ٽاڪر ۽ يوٽيوبر رجب بٽ سميت حيدر شاهه، مان ڊوگر ۽ ٻين ست ڄڻن خلاف ڪيس ۾ پيڪا ايڪٽ جون دفعات شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، رجب بٽ ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس جي مدعي ٽڪ ٽاڪر تي هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪي ڏيڻ جو الزام لڳايو هو، ايس ايس پي انويسٽيگيشن موجب رجب بٽ خلاف داخل ڪيس ۾ پيڪ ايڪٽ جون دفعات لڳايون وينديون، ان حوالي سان ليگل ٽيم سان مشاورت جاري آهي، واضح رهي ته رجب بٽ، مان ڊوگر، حيدر شاهه ۽ ٻين ساٿين خلاف سوشل ميڊيا آرٽسٽ عمر فياض جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ايف آءِ آر موجب مدعي موقف اختيار ڪيو هو ته صبح جي وقت رجب بٽ، مان ڊوگر ۽ حيدر شاهه هٿياربند ماڻهن سان گڏ گهر اچي ويا، جڏهن ته مان ڊوگر ٽڪ ٽاڪ لائيو دوران گارگند ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون، ياد رهي ته سمورا جوابدار عبوري ضمانت ڪرائي جاچ ۾ شامل ٿي چڪا آهن، پوليس موجب ڪيس جي جاچ وڌيڪ دفعات سان پيڪا ايڪٽ تحت ٿيندي.