اسلام باد(بيورو رپورٽ) يوٽيلٽي ڪارپوريشن طرفان يوٽلٽي اسٽورن تي کنڊ جي دستيابي ٿيندي ئي اگهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. سبسڊي ۽ بنا سبسڊي واري کنڊ جي في ڪلو تي 8 رپيا اضافو ڪيو ويو. بي آئي ايس پي وٽ رجسٽرڊ خاندانن کي هاڻي کنڊ 109 ۽ عام خريدارن کي 155 رپيا في ڪلو وڪرو ڪئي ويندي، ان کان اڳ عام خريدارن لاءِ يوٽلٽي ڪارپوريشن تي کنڊ في ڪلو 147 ۽ سبسڊي طور بي ايس پي وٽ رجسٽرد ٿيل خاندانن کي 101 رپيا في ڪلو قيمت مقرر هئي.