اسلام آباد(بيورو رپورٽ) يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن 60 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ جو ٽينڊر کولي ڇڏيو. يوٽيلٽي اسٽورز کي 124 رپيا 90 پئسا في ڪلو جي حساب سان في ڪلو گهٽ ۾ گهٽ ٻولي وصول ٿي آھي، خرچ ملائي ڪارپوريشن کي في ڪلو کنڊ تقريبن 138 رپيا پوندي. آخري ٽينڊر جي مقابلي ۾ 10.37 روپيا گهٽ ٻولي لڳي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ذريعن مطابق کنڊ جي لڳايل ٻولي جو جائزو ورتو پيو وڃي، کنڊ خريد ڪرڻ متعلق فيصلو جلد ڪيو ويندو. يوٽيلٽي اسٽورز کنڊ جي 60 هزار ٽن ٽينڊر تحت ٻوليون طلب ڪيون ويون هيون، گذريل مهيني يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي 20 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ خريد ڪرڻي هئي. يوٽيلٽي اسٽورز کي 135 رپيا 27 پئسا ڪلو جي حساب سان گهٽ ۾ گهٽ ٻولي لڳي هئي، وقت تي خريداري نه ٿيڻ سبب 2 ڀيرا کنڊ جو بحران پيدا ٿي ويو.