ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ۽ لمس يونيورسٽي ڄامشورو جي ملازمن جي فيڊريشن ۾ اختلاف پيد اٿي ويا آهن ۽ ڪجهه اڳواڻن ڄامشوري ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي آل سنڌ يونيورسٽيز امپلائز فيڊريشن جي نئين سر باڊي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي موجوده فيڊريشن کان لاتعلقي ظاهر ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ سيوا اڳواڻ محمد علي گهانگهرو،ذولفقار رستماڻي،لسوا اڳواڻ مخدوم اشفاق،سعيد لاشاري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مرڪزي فيڊريشن رجسٽر ئي ناهي جاچ ڪرڻ بعد خبر پئي آهي ته آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي رجسٽريشن جالي آهي،جوائينٽ اسٽاڪ ڪمپني لاڙڪاڻو پاران ليٽر ذريعي ٻڌايو ويو آهي ته فيڊريشن جي اسان وٽ ڪابه رجسٽريشن ناهي ٿيل سنڌ جي سڀني يونيورسٽن جا ملازم،سيڪريٽري سنڌيونيورسٽيز اينڊ بورڊز سميت يونيورسٽين جي سربراهه فيڊريشن جي ڪنھن به ڳالھ ۾ نه اچن لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي ملازم نور محمد هليو سال 2020ع ۾ اسان سميت مختلف يونيورسٽين کان آل سنڌيونيورسٽز ايمپلائيز فيڊريشن کي رجسٽرڊ ڪرائڻ لاء 90 هزار ورتا هيا نور محمد هليو سنڌ جي سڀني يونيورسٽين کي هڪ جعلي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ ڏيکاري پاڻ کي فيڊريشن جو چيئرمين سڏائي رهيو آهي اسان پروويجنل اسسٽنٽ رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز لاڙڪاڻو کي آل سنڌيونيورسٽز ايمپلائيز فيڊريشن رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جي ويريفڪيشن لاءِ لکيو هيو سيڪريٽري انڊسٽريز اينڊ ڪامرس ڊپارٽمنٽ ۽ پروويجنل اسسٽنٽ رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز پاران جعلي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ تي نوٽيس به ورتو آهي جڏهن ته پروويجنل اسسٽنٽ رجسٽرار، جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز لکيو آهي ته اسان وٽ آل سنڌيونيورسٽز ايمپلائيز فيڊريشن جي ڪابه رجسٽريشن ناهي ۽ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ نمبر 1258-اي بوگس ۽ ڪوڙو آهي هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي 16 يونيورسٽين جي اڳواڻن سان رابطي ۾ آهيون جلد نئي سر فيڊريشن کي مظبوط ڪنداسين..