اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽر بشرا انجم بٽ جي صدارت هيٺ سينيٽ جي تعليم ۽ تربيت بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ قومي ايجوڪيشن ڪانفرنس سڏائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ چئني وڏن وزيرن ۽ صوبائي وزيرن کي به دعوت ڏني ويندي، اجلاس ۾ شاگرد يونينز جي بحالي وارو معاملو بحث هيٺ آيو. اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي ملازمن جي پينشن واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن تي اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر چيو ته مان اعتراف ڪريان ٿو ته يونيورسٽي جا مسئلا آهن، 5 سالن کان فنڊن ۾ اضافو ناهي ٿيو، پگهارون ۽ پينشن وڌي ويون آهن، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته اها وفاقي اردو يونيورسٽي جي بدقسمتي رهي آهي جو ڪڏهن به مستقل وائيس چانسلر ناهي رهيو. ڪاميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر بشرا انجم بٽ چيو ته وقتي وائيس چانسلر جي مقرري جي خلاف آهيون ان بابت پاليسي جوڙي وڃي، تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ 30 کان 35 سالن کان مسئلا آهن. سينيٽر سيد مسرور احسن چيو ته ملڪ ۾ بحران تڏهن پيدا ٿيندا آهن، جڏهن مصنوعي قيادت سامهون ايندي آهي. سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته شاگرد يونين جي بندش جي پويان سياسي نه پر ڪجهه ٻيون قوتون جو هٿ آهي. تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول چيو آهي ته شاگرد يونينز بحال ٿيڻ گهرجن. 13 آگسٽ تي ايڇ اي سي سمورين يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ شاگرد يونين جي بحالي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، شاگرد يونين جي بندش کانپوءِ مسئلا وڌندا آهن. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي مطالبو ڪيو ته شاگرد يونين جي بحالي بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي.