ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) ھائير ايجوڪيشن ڪميشن ( هيڪ ) ملڪ جي سمورين يونيورسٽين کي عالمي اين جي اوز ۽ ادارن سان سڌي ريت ڪنهن به معاھدي کان روڪي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ھيڪ پاڪستان جي جيئرمين ڊاڪٽر مختيار احمد ملڪ سمورين يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ تعليمي ادارن جي سربراھن کي خط لکي کين سختي سان ھدايت ڪئي آھي ته پرڏيھي کاتي جي مشاورت کانسواءِ عالمي ادارن سان ڪو به معاھدو يا سرگرمي نه ڪئي وڃي، ھن لکيو آھي ته مختلف يونيورسٽين پاران عالمي ادارن سان حساسي سياسي معاملن توڙي ٻين اشوز تي گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان دنيا ۾ پاڪستان جي حوالي سان ڪو سٺو پيغام نه پيو وڃي، پرڏيھي وزارت پاران به ھيڪ آڏو تحفظات جو اظھار ڪيو ويو آھي، انھي ڪري اهڙيون سرگرميون بند ڪري ھيڪ معرفت پرڏيھي کاتي کان اجازت ملڻ بعد سرگرميون شروع ڪيون وڃن ـ بنا اجازت ان قسم جو ڪو به معاھدو يا سرگرمي نه ڪئي وڃي