ڪجهه ڏينهن پهرين مون هڪ پوسٽ فيس بڪ تي رکي جنهن جي جواب ۾ ڪيترن ئي دوستن گهَڻ گهُرن ۽ محبتن ڪندڙن سٺيون صلاحون ڏنيون. ڪن انهي کي بهتر سمجهيو ته ڪن ڪي وڌيڪ مفيد مشورا ڏنا. سڀني جي صلاحن، خيالن ۽ مشورن بعد سوچيم ته انهي معاملي تي ڪجهه تفصيل سان لکان. پهرين اها پوسٽ جيڪا مون فيس بڪ تي رکي سا پڙهڻ لاءِ هيٺ ڏجي ٿي؛”ڪالهه هڪڙي دوست پڇيو ته سنڌ جي ۹ يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرز جي مقرري جي لاءِ اشتهار آيو هو ڇا توهان به درخواست ڏني آهي؟ مون کيس چيو خواهشن جي خول ۾ قيد ٿي واڪ تي ورتل سنڌ جي ڪنهن يونيورسٽي جو وي سي بڻجي سنڌ جي تعليم جي تباهي ڪرڻ واري ڪڌي ڪاروبار ۾ شرڪت ڪرڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي شعبي ۾ ڪنهن هڪ شاگرد تي محنت ڪري انهي جي زندگي سنواري سگهان اهو منهنجي لاءِ وڌيڪ افضل ۽ ڪارائتو ڪم آهي “. منهنجي انهن سخت جملن ۽ سوچ کي سمجهڻ کان پهرين اهو سمجهڻ لازم آهي  ته ۱۸هين ترميم بعد سنڌ جي اعليٰ تعليم جو سمورو اختيار سنڌ جي وزير اعليٰ،  يونيورسٽيز ۽ بورڊس جي وزير جي حوالي آهي، جيڪي سنڌ جي يونيورسٽيز جي اندر وي سي جي مقرري ڪرڻ ۽ صوبائي هائير ايجيوڪيشن ڪميشن قائم ڪرڻ جا مجاز آهن. پهرين اهو اختيار گورنر وٽ هوندو هو، ۱۸هين  ترميم بعد گورنر وارا سمورا اختيار انهي کان کسجي چڪا آهن.هن وقت سنڌ جي سمورين يونيورسٽيز جي اندر انتظامي معاملات لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل طور ذميوار آهي.يونيورسٽين جي معياري ۽ مقداري ترقي لاءِ سنڌ حڪومت کي جيڪي اپاءُ وٺڻ گهربا هئا اڄ سوڌو سنڌ سرڪار انهي ۾ ڪا به نظر ايندڙ معياري تبديلي نه آڻي سگهي آهي. جهڙي ريت سموري سنڌ موجوده سنڌ سرڪار جي خراب حڪمراني جي ڪري ڀوڳي رهي آهي تهڙي ريت سنڌ جي اعليٰ تعليم جي به تباهي ٿيندي نظر اچي رهي آهي. انهي جا ڪهڙا به سبب هجن ذميوار ان لاءِ سنڌ سرڪار آهي.

سنڌ حڪومت ۱۸هين ترميم بعد سنڌ جي اندر درجنين نيون يونيورسٽيز ۽ انهن جا ڪئمپس ته قائم ڪري سگهي آهي، پر تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ انهن جي اندر اهليت جي بنياد تي مقريرين ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام رهي آهي. سنڌ سرڪار جو ڪنهن به طرح اعليٰ تعليمي ادارن کي عالمي معيار ته ڇڏيو ملڪ جي اندر ٻين صوبن جي يونيورسٽين جي معيار جي مد مقابل بيهارڻ جي لاءِ به ڪڏهن ڪوشان نه رهي آهي.  انهي جو ننڍڙو ثبوت اهو آهي ته هن وقت تائين سنڌ جي اندر سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن لولي لنگڙي ڪري هلائي پئي وڃي، جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي جي اندر انهي جو معيار وفاقي هائير ايجوڪيشن جي برابر آهي. ويسيز جي سرچ ڪميٽين جو قيام هجي يا هائير ايجوڪيشن جي چيئرمين جي مقرري من پسند فردن تي مشتمل هڪ اهڙو ماحول جوڙي رکيو ويو آهي جنهن سان اهو وي سيز جي مقررين واري واڪ جو ڪاروبار  ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي. يونيورسٽين جي اندر انتظامي معاملن ۾ سنڌ سرڪار جي ايتري ته مداخلت وڌي وئي آهي جو ڪنهن به نوڪري جي اشتهار جي اجازت به سنڌ سرڪار کان تڏهن ٿي ملي جڏهن انهي ملازمتن جي مقرري ۾ انهن کي ڪو حصو پتي ڏنو وڃي يا سندن من پسند سفارشي ماڻهن جي مقرري يقيني بڻائجي. يونيورسٽين جي۱۹۷۳ع جي ائڪٽ جي باب چوٿين جي شڪ ايل ۾ واضح طور لکيل آهي ته يونيورسٽيون مڪمل طور خودمختيار ادارا آهن جن ۾ ڪنهن به عهدي جي پيداڪرڻ، انهي جي مقرري، ترقي ۽ بدلي جو انهي يونيورسٽي جي ادارن (سينڊيڪيٽ) کي مڪمل اختيار آهي، پر سنڌ ۾ ۱۸هين ترميم بعد وزيراعليٰ سنڌ جي هڪ ايڊوائزري ليٽر ۽ سيڪريٽري جي حڪم تحت ڪا به مقرري سندن اجازت کان سواءِ نه ٿي ڪري سگهجي.

سنڌ جي مجموعي يونيورسٽين ۾ اڳي ڪڏهن به ايتري بدعنواني ڪونه ٿيندي هئي جيتري سنڌ جي موجوده  پي پي سرڪار جي دور ۾ ٿي آهي. انهي جو هڪ وڏو سبب يونيورسٽين جي اندر انتظامي معاملن ۾ سنڌ سرڪار جي مڪمل اختيارين جو پنهنجي هٿ ۾ ڪرڻ آهي. اڳي يونيورسٽين جي سئنڊيڪيٽ تمام طاقتور ادارو هوندو هو ڇاڪاڻ ته انهي جي اندر يونيورسٽي جي استادن شاگردن ۽ آفيسرن جي نمائندگي ٻاهرين ميمبرن جي توازن طور هوندي هئي. هاڻي سئنڊيڪيٽ جي اندر سنڌ سرڪار جي ٿاڦيل ميمبرن ۽ واڪ وسيلي مقرر ڪيل وي سيز جي ڪري شڪل اهڙي ٿي وئي آهي جو اتي ڪو به فيصلو ميرٽ ۽ قانون جي بجاءِ من پسندي تي ٿئي ٿو.”منهن ڏيکاريو ته مان توهان کي قانون ڏيکاريان “ جي مصداق اتي قانون جي تشريح ٿئي ٿي. ويجهي ماضي ۾ اڪثريت طور انهن ماڻهن جي هٿان يونيورسٽين جي اندر بدعنواني جا رڪارڊ قائم ٿيا جن کي سرڪاري سپورٽ سگهي رهي. پوءِ اهڙو سگهاري سپورٽ وارو ڪو وي سي رهيو هجي يا ڪنهن سيڪشن جو ڪلارڪ. هن وقت سنڌ سرڪار جو سنڌ جي اندر يونيورسٽين ۽ ڪئمپسز کولڻ جو صرف هڪ ئي مقصد هجي ٿو ته انهي جي اندر سوين ملازم سندن سفارش تي ڪيئن ڀرتي ٿي سگهندا، اتي سندن من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڪيئن ملندا. انهي لاءِ کين ڪنهن به اداري جو سربراهه انهن کي اهڙو گهرجي جيڪو سندن جي حضوري ڪري. يونيورسٽين جي اندر ڪنهن به ترقياتي ڪم جا ٺيڪا هجن يا ڪنهن به رسد يا خريد جا انهن سڀني ۾ به هڪ مخصوص ماڻهن جي مداخلت توهان کي سنڌ جي هر يونيورسٽي ۾ نظر ايندي. انتهائي ايمانداري جو جامو پهري وي سي جي پوسٽ تي ويٺل به اوهان کي اهو چوندي نظر ايندو ته ادا اداري کي هلائڻ جي لاءِ ڪجهه شيون قبول ڪرڻيون پون ٿيون. انهي قبوليت جي پٺيان ڪروڙين رپين جي خرد برد ٿيندي رهي ٿي جنهن تي سڀ اکيون پوري پيا هلندا آهن. سوچيو اهڙي صورتحال ۾ ڪير جيڪڏهن وي سي ٿيندو ته هن جي ترجيحات تي ڇا هوندو. افسوس آهي اڄ واڪ تي وي سي بڻيل ڪردار جا ڪچا فرد جيڪي شاگردن جي ڪمرن ۾ خفيا ڪيمرائون رکرائي سندن مخصوص استادن جي هٿان گندي ڪم لاءِ کين مجبور ڪندڙ وي سي بڻجندا هجن اتي تعليم جو معيار ڪهڙو ٿي سگهندو. ٿاڻي جي جمعدار جي ليول جا ڪنهن جي خوشامد ۾رات جون محفلون سجائيندڙڪوتاهه نظر فردن کي وي سي بڻائڻ لاءِ مخصوص قسم جو سندن معيار تي فٽ ٿيندڙ اشتهار اهو اشارو هوندو آهي ته سندن گهربل فرد انهن جي گهرجن تي پورو لهندڙ اهڙو ڪير ٿي سگهي ٿو.

انسان جڏهن  ڪنهن شيءَ جي خواهش ڪري ٿو ته پوءِ انهي خواهشن جي پورائي لاءِ ڪڏهن به ڪو رستو ملي وڃي ته هو اهو موقعو هٿان وڃڻ ڪونه ٿو ڏئي. اهو فرد پنهنجي خواهشن جي خول ۾ ڦاسي پوي ٿو. سنڌ جي اندر ڪافي وقت کان وٺي اهو ٻڌڻ ۾ پيو ايندو آهي ته وي سي ٿيڻ لاءِ واڪ پيا لڳندا آهن پوءِ جنهن جي ٻولي جيتري وڏي هوندي آهي انهي جي مقرري ممڪن بڻجي ويندي آهي. ڪجهه ويسيز جي بدران ڪي ٺيڪيدار يا لاڳاپيل يونيورسٽيز جا ڪجهه عملدار انهي ٺيڪي جو ذمو کڻي پهرين قسط ادا ڪري ايندا آهن پوءِ باقي ٻيون قسطون ملندڙ پروجيڪٽس جي بجيٽ مان ادا ڪيون وينديون آهن. سوچيو جنهن يونيورسٽي جو وي سي واڪ تي منصب وٺي اچي يا انهي جي بدران ٻيو ڪير ذمو کڻي پئسا ڏئي اچي يا ڏيڻ جو واعدو ڪري انهي اداري جي اندر وي سي جي آفيس ۾ ويهي انهي لاءِ تعليم جي معيار انهي جي ترقي ۽ عالمي مقابلي جي تياري لاءِ وقت ڏيڻ ممڪن هوندو؟ اهڙي طريقي سان مليل منصب قسط جي ادائگي ۽ سيڙپڪاري جي منافعي جي حساب ڪتاب ۾ گذر پيو ٿيندو. تنهن ڪري اهڙي خواهش ڪرڻ کان بهتر آهي ته انهي سسٽم جي خلاف ٿي ڪم ڪجي.