ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) عورت وڪيلن جو گلابي بس جي عورت ٽڪيٽ چيڪر جي يونيفارم تي اعتراض، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عورت وڪيلن گلابي بس جي ٽڪيٽ چيڪر جي يونيفارم تي اعتراض ڪندي داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران عورتن لاءِ گلابي بس سروس جو آغاز بهتر قدم آهي. گلابي بس جي ٽڪيٽ چيڪر جي يونيفارم کي ڏسي حيراني ٿي، اهو عورت وڪيلن جي يونيفارم سان ملندڙ جلندڙ هو، گلابي بس جي ٽڪيٽ چيڪر جو يونيفارم اڇي شلوار قميص ۽ ڪارو ڪوٽ آهي جيڪو عورت وڪيلن جو سرڪاري يونيفارم آهي. درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته گلابي بس سروس جي ٽڪيٽ چيڪر جي يونيفارم تبديل ڪرڻ لاءِ بار ايسوسيئشن سان به رجوع ڪيو ويو پر ڪو به مثبت جواب نه مليو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته گلابي بس جي ٽڪيٽ چيڪر جو يونيفارم تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.