ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير جي ترجمان واضح  ڪيو آهي ته صوبائي وزير يونس ڍاڳا جي قلمدان جي  تبديلي انتظامي معاملو آھي، کيس روينيو سان گڏ صنعتن وارو کاتو ڏنو ويو آهي، هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته  نگران حڪومت مڪمل طور غير سياسي ۽ غير جانبدار آھي،  نگران وڏو وزير جسٽس (ر )مقبول باقر سٺي ساک رکندڙ باڪردار جج رھيو آھي، کيس ڪنهن سياسي پارٽي سان ڳنڍڻ مناسب ناھي،