ڪابل(اسپورٽس نيوز)پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان کي افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مينٽور مقرر ڪيو ويو آهي. ليجنڊري بيٽر يونس خان کي افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مينٽور مقرر ڪيو ويو آهي ۽ هو چيمپيئنز ٽرافي ۾ افغان ٽيم سان گڏ مينٽور طور خدمتون انجام ڏيندو. افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان سيد نسيم سادات ان حوالي سان ٻڌايو ته اي سي بي يونس خان کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ مينٽور جون ذميواريون ڏنيون آهن، هو ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ کان اڳ افغانستان جي ٽيم کي جوائن ڪندو. واضح رهي ته يونس خان ان کان اڳ 2022ع ۾ افغانستان ٽيم سان بيٽنگ ڪوچ طور ڪم ڪري چڪو آهي.