ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ يونان ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب 286 پاڪستاني شهرين جي فوت ٿيڻ واري واقعي ۾ ايف آءِ اي آفيسر نازش سحر خلاف ڪارروائي ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت چيو ته سمورن درخواست گذارن کي ذاتي طور پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، درخواسگذارن جو موقف ٻڌڻ بنا ڪا به ڪارروئي نه ڪئي وڃي، نوٽيس باوجود ڪو ايف آءِ اي آفيسر پيش نه ٿيو ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، عدالت ايف آءِ اي آفيسرن خلاف ڪارروائي بابت داخل درخواست اڪلائي ڇڏي.