ڪنھن به ملڪ جي رياستي ڪار وھنوار کي ھلائڻ لاءِ انتظامي ڍانچو ھوندو آھي، جنھن ۾ دفاعي شعبو انتھائي اهم آھي، جنھن جا وري ٻه حصا ھجن ٿا؛ ھڪ سرحدي يا بيروني ۽ ٻيون وري اندروني يا داخلي دفاع۔ سرحدي دفاع لاءِ فوجون ھونديون آھن ۽ داخلي دفاع لاءِ وري پوليس ھوندي آھي۔ انھن ٻنھي فورسن جو ملڪ جي دفاع، سالميت ۽ عوام کي منظم رکڻ ۽ انجي جان، مال، عزت و آبرو جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ اھم ڪردار آھي. اسانجو وطن عزيز ڪجھ ڏھاڪن کان وٺي داخلي و بيروني چيلينجن کي منھن ڏئي رھيو آھي، جنھن ۾ لساني دھشتگردي، فرقيوارنه دھشتگردي، ڌاڙيل ڪلچر، ڀتاخوري وغيره شامل آهن. فوج دھشتگردن سان بھادري سان مھاڏو اٽڪائي رهي آهي. ٻي طرف، اندورن ملڪ دشمن دھشتگرد، فسادي، عوام جو سک ۽ چين لٽيندڙ ڪرمنل، ڌاڙيل، ڦورو ۽ سماج دشمن منشيات فروشن سان پوليس جا آفيسر ۽ جوان سخت سردي جي ڊگھين راتن يا سخت گرمي جي لڱ ساڙيندڙ ڏينھن ۾ ھر وقت برسرپيڪار ھوندا آھن۔ اھو ئي سبب آھي جو پوري ملڪ جيان سنڌ پوليس جا آفيسر ۽ جوان ديده دليري، جوان مردي ۽ شجاعت سان پنھنجي عوام کي امن ۽ سک چين ۽ انھن کي جي جان و مال ۽ عزت جي حفاظت جي خاطر پنھنجي جانين جو نذرانو ڏئي شھادت جي عظيم رتبي تي فائز ٿي رھيا آھن۔

لاڙ پٽ جو اھم علائقو، صوفي شاھ عنايت شھيد جي ڌرتي ضلعي سجاول جي پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن پنھنجي فرائض جي ادائگي جي دوران جام شھادت نوش ڪيو۔ جنھن ۾ سال 2002 ۾ ڌاڙيلن سان دوبدو مقابلو ڪندي پوليس ڪانسٽيبل شاھنواز برھماڻي، بدنام ڌاڙيل رمضان عرف رمو بچاڻي کي ماريو ۽ پاڻ به ان ويڙهاند ۾ جام شھادت نوش ڪيو، سب انسپيڪٽر منير احمد ڏاوڇ ۽ ھيڊ ڪانسٽيبل شير محمد گوپانگ سجاول جي روڊن تي ڊيوٽي دوران گاڏين جي ٽڪر ۾ فرائض جي ادائيگي ۾ پنھنجي قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. تمام تر معاشرتي بي حسي، تنقيد ۽ شديد ترين نڪته چيني جي باوجود پوليس پنھنجي فرائض جي ادائيگي ۾ ڏينھن رات مصروف آھي۔ گذريل ڪجھ  سالن کان پوليس نظام ۾ بھتري آندي وئي آھي، اعليٰ افسران پنھنجون تمام ڪوششون عوام جو پوليس تي اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ڪري رھيا آھن، اھو ئي سبب آھي جو پوري ملڪ ۾ سنگين ڏوھن جو گراف گھٽ ٿيو آھي ۽ عوام ۾ احساس تحفظ ۾ پڻ واڌارو آيو آھي۔

يوم شھداء پوليس درحقيقت پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ تعلقات کي مضبوط ڪرڻ جو بھترين موقعو آھي۔ سنڌ پوليس طرفان پنھنجي شھداء جي خاندانن جي فلاح و بھبود جي سسٽم کي موثر ۽ آسان بڻائڻ لاءِ تمام تر مالي مراعات گھر جي چائنٺ تي پھچائڻ لاءِ ويلفئير ايپ متعارف ڪرائي وئي آھي، جنھن ۾ پينشن جي رسائي، ٻارن جي تعليم ۽ صحت جا اخراجات، ٻارن کي اسڪالرشپ، بيواھ فنڊ، شھداء پيڪيج ۽ تدفين جي ماليات معملن کي بروقت حل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آھي۔

4 آگسٽ يوم شھداء پوليس ملھائڻ جو مقصد اھو تاثر ڏيڻ آھي ته پوليس جي شهيدن جا ڪٽنب اڪيلا نه آهن، پوليس ڊپارٽمنٽ، سول سوسائٽي ۽ عوام شھيدن جي خاندانن سان گڏ آھي۔ بھادر پوليس آفيسرن ۽ ۽ جوانن جي شھادت انھي عزم جي تقاضا ٿي ڪري ته عوام پوليس جي حوصلي کي وڌائي ۽ پست ٿيڻ نه ڏئي۔ اها ئي پوليس آهي جيڪا هر هنڌ تي عوام جي سڏ تي پھچندي آھي. پوليس جو ڪم اوترو ئي مشڪل آهي، ايترو ڪنهن ٻئي جو ناھي، ڪنهن به حادثي يا واقعي جي صورت ۾ ڪنهن به هنڌ پهچڻ، پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي. هنن جي نوڪري، خوشي، غم، عيد، تہوار، سخت موسمي حالتن، ڊگھي ڊيوٽي ڏيڻ تي پوليس وارا اسان سان گڏ نظر اچن ٿا. اهي پوليس اهلڪار اسان جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيندا آهن، تنهنڪري اسان جو فرض آهي ته پوليس فورس کي پنهنجو سچو دوست سمجهون ۽ عوام کي به پوليس سان اتحاد ۽ تعاون ڪرڻ گهرجي. مون کي فخر آهي ته مان هڪ اهڙي فورس جو حصو آهيان، جنهن قوم جي ترقيءَ لاءِ قربانيون ڏنيون. سنڌ پوليس اهڙن شهيدن جي امانت آهي، جن جي شهادت اداري جي عزت ۽ وقار کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. شهيدن جي قربانين سبب پوري پوليس فورس جو مورال بلند آهي.