ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري بلدياتي اليڪشن ۾ اميدوار هڪ ٻئي کي هٿ کڻائڻ  لاءِ ڊوڙون جاري آهن. جي ڊي اي اڳواڻ عادل الطاف انڙ ۽ پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو جي موجودگي ۾ يونين ڪائونسل ڪاراڻي جي چيئرمين لاءِ بيٺل آزاد اميدوار آصف نور پنهنجي وائيس چيئرمين اعجاز مڪول سميت سڄو پينل جي ڊي اي پاران نامزد ڪيل اميدوار عابد حسين ٻگهيو جي حق ۾ هٿ کڻي ويو. ان موقعي تي عادل الطاف انڙ، سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ استاد نور ٻگھيو چيو ته يونين ڪائونسل ڪاراڻي تي چيئرمين لاءِ آزاد اميدوار طور بيٺل آصف نور ٻگھيو پنهنجي سڄي پينل سميت جي ڊي اي پاران نامزد ڪيل چيئرمين اميدوار عابد حسين ٻگهيو جي حق ۾ هٿ کڻي ويو آهي، عابد حسين ٻگهيو جي حق ۾ هٿ کنيو آهي ۽ جي ڊي اي اميدوار سان گڏجي اليڪشن جي ورڪ ڪنداسين ۽ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪنداسين.