ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي  1870 مڪاني ادارن کان سالياني ترقياتي منصوبن جي تفصيلي رپورٽ هڪ هفتي اندر طلب، سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن ۽ ادارن جي سربراهن کي ترقياتي رٿائن جا ماهوار تفصيل جمع ڪرائڻ جو به پابند بڻايو ويو، يوسيز ڪائونسلرن کي پگھارون يا وظيفو ڏيندڙ يوسي اختيارين خلاف ڪارروائي جو اعلان، 1618 يونين ڪاميٽين ۽ يونين ڪائونسلن، 143 ٽائون ڪاميٽين، 36 ميونسپل ڪارپوريشنن، 22 ضلعي ڪائونسلن، 45 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنن (ٽي ايم سيز)، 5 ميونسپل ڪارپوريشنن ۽ ڪراچي ميٽروڪارپوريشن ( ڪي ايم سي )کي هر هڪ ملازم جي ڊيٽا ۽ پگھارن جي رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت،ان ڏس ۾ مڪاني ادارن  واري  وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪنهن به ڪائونسلر کي پگھار يا وظيفو ڏئي نٿو سگھجي، ڪائونسلرن کي پگھارون يا وظيفو ڏيندڙ يوسيز چيئرمينن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن پيدائشي ( جنم) ۽ فوتگي سرٽيفڪيٽ جي 5 سالن کان ڪا به في ناهي،  جنهن يو سي پاران شهرين کان في وٺڻ جي شڪايت ملي ته انهي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪالهه صوبي جي سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن، ڪي ڊي ڊي، ايل ڊي اي، ايم ڊي اي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي سميت مڪاني کاتي جي ماتحت ادارن جي اجلاس ۾ مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي ۽ هلندڙ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، صوبائي وزير سعيد غني سمورن لاڳاپيل اختيارين کي سختي سان هدايت ڪئي ته  اهي ترقياتي منصوبن کي وقت سِر مڪمل ڪن، ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائپ رپورٽ مهيني اندر جمع ڪرائڻ سان گڏ ماهوار رپورٽ به جمع ڪرائي وڃي. صوبائي وزير مختلف مڪاني ادارن تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته 100 سيڪڙو فنڊ حاصل ڪندڙ ادارن پاران ترقياتي منصوبا مڪمل نه ڪرڻ نااهلي آهي. هن چيو ته مڪاني ادارن جي  فنڊن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ته جيئن ملازمن کي پگھارون ڏيڻ سان گڏ ترقياتي ڪم به ٿي سگھن.  هن چيو ته سمورا ادارا فنڊن جي مانيٽرنگ ڪن، هن چيو ته صوبي جا 1870 مڪاني ادارا  هر هڪ ملازم جي ڊيٽا ۽ پگھارن جي رپورٽ تيار ڪن.