نوري آباد (ن پ ا) جمعيت علماءَ اسلام سندھ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو يونين ڪائونسل ڄنگھڙي ۾ اصل کاتيدار زميندارن کان زمينون کسڻ ۽ ٻاهرين ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ واري فيصلي کي سختي سان رد ڪندي پنھنجي بيان م چيو آهي ته هي فيصلو سراسر ناانصافي ۽ ظلم آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.ھن چيو ته سنڌ حڪومت هزارين ايڪڙ زمين اصل کاتيدارن کان زبردستي کسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪا علائقي جي تاريخي حقن تي ڌاڙو آهي، علامه راشد سومرو واضح ڪيو ته جمعيت علماءِ اسلام اهڙن غيرمنصفاڻن قدمن جي سخت مخالفت ڪري ٿي. ھن مطالبو ڪيو ته اصل کاتيدارن کي سندن زمينون واپس ڪرائي ان کانپوءِ بچيل زمينون غريب ۽ بي زمين ماڻهن ۾ تقسيم ڪيون وڃن. هن آخر ۾ حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته 5 ڊسمبر تائين اهو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
ٻئي طرف متاثر مقامي رھواسين شفيع محمد شورو، الھورايو، شوڪت علي شورو، ميان بخش، علي محمد، ايوب، گلشير، چنيسر، رمضان، حبيب الله شورو ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته سندن ھزارين ايڪڙ زمينون يوسي ڄنگھڙي ڪوھستان ست ڀاڱي ھڪ ۾ قبولي توڙي کاتن واريون َآھن، جن جا وٽن سمورا ڪاغذ، نقشا موجود ھوندي به سندن زمينن جا کين دنگ، نشان نٿا ڏنا وڃن، جنھن مان کين خدشو آھي ته ڪٿي سندن ھزارين ايڪڙ زمينون به سرڪاري ڄاڻائي کين پنھنجي ئي زمينن مان بيدخل ڪري نه ڇڏين، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي ٿيندي .