پيارو اسٽيشن (ن پ ا ) يوسي پاٽ شريف جو سال 2023 .24 جو بجيٽ اجلاس چيئرمين علي مراد شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ 60 لک بجيٽ پيش ڪئي وئي، صفائي سٿرائي بڻائڻ لاءِ 30 لک، وڻڪاري مهم لاءِ 2 لک، جڏهن ته ٻيا پئسا ارٿ ورڪ ۽ فلٿ ورڪ لاءِ رکيا ويا، اجلاس ۾يوسي پاٽ شريف آفيس بلڊنگ جون رٿون پيش ڪيون ويون، اڪثريت راءِ سان منظور ڪيون ويون، ان موقعي تي چيئرمين علي مراد شاهه، وائيس چيئرمين مخدوم شفيق الرحمان صديقي، يوسي سيڪريٽري محمد يوسف سولنگي، ميمبر محمد شعبان عباسي ، غلام رسول برهماڻي، غلام مصطفيٰ سولنگي ، عورت ميمبرن ۽ ٻين چيو ته صفائي سٿرائي، ڊرينيج سسٽم، گهٽين جي فرش بندي سميت مختلف مسئلن جي حل لاءِ بجيٽ رکي وئي آھي، هنن وڌيڪ چيو ته اتفاق راءِ سان منظور ڪيل مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين،برسات ۾ تباهه ٿيل يوسي آفيس جي بلڊنگ جي تعمير لاءِ اختيارين ڏانهن درخواستون پڻ لکيون ويون ،