سيراڻي: بدين جي سامونڊي جي يونين ڪائونسل سيراڻي، ڀڳڙاميمڻ، ڀڳڙاميمڻ، دودو سومرو، ٻهڊمي، احمد راڄو، پير فتح شاھ، ڪاڏي قاضيه جا يوسي سڪريٽري سالن کان غائب آهن يوسين جو آفيسون پٽيوالن ۽ ڪلارڪن جي حوالي ٿيل آهن جيڪي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن، هڪ ٻن يونين ڪائونسلن کي ڇڏي ڪري باقي يونين ڪائونسلن جون آفيسون نه ٺهيل آهن جيڪي بدين ۾ مسواڙ جي دڪانن ۾ ويٺل آهن يونين ڪائونسلن مان ملندڙ سرٽيفيڪٽن ۾ پيدائيشي، رهائيشي، نو ميرج، ڊيٿ، برٿ سرٽيفيڪٽن وغيره تي 500 کان 1000 روپين تائين فيس مقرر ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي هتان جي غريب مسڪين ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان پنهنجو هٿ ٺوڪيون فيسون مقرر ڪري وٺي رهيا آهن.