ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٽڊاپ ۾ 6 ارب رپين جي ڪرپشن واري مامري ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني تي ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تي 3 ڪيسن ۾ بري ڪري ڇڏيو، انهي کان اڳ يوسف رضا گيلاني جي وڪيل فاروق ايچ نائڪ پنهنجا دليل جمع ڪرائي ڇڏيا هئا، وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٽڊاپ ڪرپشن مامري جا 93 ڪيس هلندڙ آهن، ٻڌڻي بعد يوسف رضا گيلاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جو شاهد هاڻي جوابدار آهي، جيڪو ملڪ کان فرار ٿي چڪو آهي، هن چيو ته مون هميشه قانون جي پاسداري ڪئي آهي، منهنجي خلاف ڪيس ڪندڙ اڄ اسان جي اتحادي حڪومت جو حصو آهن، هن چيو ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو مسئلو ميرٽ تي حل ڪيو وڃي.