شديد ۽ موتمار موسمياتي منظر ۽ واقعا فطرت، عمارتن، انفراسٽرڪچر ۽ انساني صحت لاءِ وڌندڙ خطرو بڻيل آهن. جڏھن ته موسمياتي تبديليءَ جي ڪري انھن جي تعداد ۽ شدت ۾ اضافو ٿيڻ جو امڪان به وڌي رھيو آھي، اڳ ۾ ئي ڪافي نقصان ۽ سانحا ٿي رهيا آهن. اسان کي بدلجندڙ ماحول ۾ زندگيءَ سان مطابقت ۽ موافقت ڪرڻ گهرجي.
فرانس کان پرتگال تائين، يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ 2022ع جي اونهاري ۾ گرمي پد اڳوڻن انگن اکرن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. مجموعي طور تي، 2022ع جو اونهارو يورپ جو رڪارڊ تي گرم ترين هو. هڪ ٻيلي جي باهه لڪسمبرگ کان به وڏي علائقي کي ساڙي ڇڏيو. گذريل ڏهاڪن کان، يورپ کي بار بار ۽ سخت موسم ۽ آبهوا سان لاڳاپيل قدرتي خطرن جهڙوڪ سوڪھڙي، ٻيلن ۾ باهه، گرمي جي لهر، طوفانن ۽ سخت برساتن جو تجربو ٿي رهيو آهي. موسمياتي تبديلي انهن واقعن کي وڌيڪ شديد بڻائي رھي آھي ۽ خدشو آھي تھ آئنده اھڙا واقعا بار بار ٿيندا رھندا.
انتهائي گرمي پد نه رڳو ڪمزور گروپن جي صحت کي متاثر ڪري ٿو، پر هر ڪنهن انسان جي ننڊ ۾ خلل پيدا ڪري ٿو. درياهه ۽ ڍنڍون سڪي رهيون آهن، انهن تي منحصر سموري زندگي متاثر ٿي رهي آهي. زمين به سڪي رهي آهي، باهه جا خطرا وڌي رهيا آهن ۽ زرعي پيداوار گهٽجي رهي آهي. يورپ ۾ ٻين هنڌن تي، طوفاني برساتون پئجي رهيا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ٻوڏ منٽن اندر عمارتن ۽ ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي تباھ ۽ برباد ڪريو ٿي ڇڏي. ساحلي علائقن کي وڌيڪ ۽ ھڪ پٺيان بئي طوفان جو خطرو رھي ٿو، جيڪو شايد عمارتن يا زرعي زمين کي به تباھ ڪري سگهي ٿو. ھوا جي رفتار ان سطح تي پهچي رهي آهي، جيڪا يورپ اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي آهي، حادثا ۽ سنگين موسمياتي واقعا ملڪيتن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. جڏھن ھ ٻين حصن ۾ تمام ٿڌ آهي. اهي واقعا هڪ بدلجندڙ ۽ غير مستحڪم آبهوا جي هڪ بدقسمت يادگيري آهن، جنهن کي يورپ کي قبولڻ ۽ ان سان مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته تيزيءَ سان ڪاربن جي اخراج کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا آهن ته جيئن موسمي تبديلي کي سست ۽ محدود ڪري سگهجي.
ايندڙ ڏهاڪن ۾ يورپي يونين کي منهن ڏيڻ واري آبهوا سان لاڳاپيل خطرن کي هن ريت گروپ ڪري سگهجي ٿو:
گرم ۽ سرد: يورپ ۾ سراسري هوا جو گرمي پد وڌندو رهندو.
گدلي ۽ خشڪ: سڄي يورپ ۾ برساتن جي تبديلي جي توقع ڪئي وئي آهي، اتر ۾ وڏي برسات، وچ يورپ ۾ وڌيڪ شديد، ۽ ڏکڻ ۾ خشڪي جو وڏو خطرو.
ھوا: طوفان جي شدت سڄي يورپ ۾ وڌڻ جو امڪان آهي، پر انگن اکرن ۾ تبديليون مختلف علائقن ۾ مختلف آهن.
برف ۽ برفباري: برفباري وچولي ۽ ڏاکڻي يورپ ۾ گهٽجڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اتر يورپ لاءِ مخلوط تبديلن جا خدشا آهن.
ساحلي علائقا: سمنڊ جي سطح اتر بالٽڪ سمنڊ کان سواءِ سڀني علائقن ۾ وڌي ويندي.
کليل سمنڊ: سامونڊي گرمي جي لهرن ۾ واڌ سبب سڀني يورپي سمنڊن ۾ سمنڊ جي مٿاڇري جي گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي،. يورپ جا سمنڊ پڻ تيزابي ٿيڻ جي اميد رکن ٿا. جڏھن ته ھيٽ ويوز خاص ڪري ڪمزور ماڻهن لاءِ زندگي ۽ موت جو معاملو ثابت ٿينديون
گرمي جي لهرن ۽ انتهائي سردي جو عوام جي صحت تي وڏو اثر ٿيندو آهي. انتهائي گرمي مضبوط طور تي وڏي انداز ۾ موتن ۽ اسپتالن ۾ داخلائن جي شرح سان لاڳاپيل آهي ۽ عام طور تي پورھيتن ۽ ڪارڪنن جي خوشحالي ۽ پيداوار کي متاثر ڪري ٿو.
گرميءَ جو سڀ کان وڏو اثر بزرگن تي آهي پر ڪجهه شهرن ۾ نوجوان به متاثر ٿيا آهن. ڪراڙا ماڻهو خراب جسماني صحت ۽ تندرستي جي خطرن جي ڪري گرمي جي لهرن جي اثرن کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن. بزرگن کان علاوه، جن ماڻهن کي دائمي بيماريون آهن ۽ گهٽ سماجي اقتصادي حيثيت وارا ماڻهو پڻ گرمي جي لهرن سبب وڏي انداز ۾ اجل جا شڪار ٿي سگهن ٿا.