يورپي يونين ڀارت تي ڳالهين لاءِ دٻاءُ وجهي: بلاول

0
21
يورپي يونين ڀارت تي ڳالهين لاءِ دٻاءُ وجهي: بلاول
يورپي يونين ڀارت تي ڳالهين لاءِ دٻاءُ وجهي: بلاول

برسلز (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستان جي پارلياماني وفد جي عالمي واپاري ڪاميٽي جي سربراهه سان بيلجيم جي راڄڌاڻي برسلز ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻه طرفي واپار سميت علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پارلياماني وفد ڀارت جي اڳرائيءَ وارن قدمن ۽ خطي جي بگڙجندڙ صورتحال تي بريفنگ ڏني، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته يورپين يونين قانون جي حڪمرانيءَ جي علمبردار آهي، اميد ته ڀارت تي زور ڀريو ويندو ته هو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ کان پاسو ڪري، معاهدو هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ معاهدن جي اصولن جي سنگين ڀڃڪڙي به آهي، پاڪستان ڪشمير سميت سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو حامي آهي.