اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت سکر مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي واقعي کي پاڪستان لاءِ دنيا ۾ بدنامي جو سبب قرار ڏنو آھي جڏهن ته ڪميٽي سنڌ سميت ملڪ  مان اغوائن جي واقعن ۽ بدامني تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آھي، آءِ جي سنڌ ڪچي جي ڌاڙيلن جي ڪارواين ۽ اغوا وارڌاتن ۾ گهٽتائي اچڻ جي دعوي ڪري ڇڏي تفصيل موجب  سينيٽ جي انساني حقن بابت ڪميٽي جي اجلاس کي ڪراچي ۾ ٻارن جي اغوا، قتل ۽ ٻارن جي ريپ  وارن واقعن  جو جائزو ورتو ويو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو  ته 2024ع ۾ اغوا جي اغوا جا  266 ڪيس داخل ٿيا، اغوا جي ڪيسن ۾ 239 ٻار بازياب ٿيا، 55  ڪيسن جو چالان ڪيو ويو. انهي سال ڪنهن به ڪيس ۾ ملزم کي سزا نه ملي سگهي ,سال 2024 ۾ ڪراچي اندر 40 ٻار قتل ٿيا انهن واقعن جا 37 ڪيس داخل ڪيا ويا ,22 ڪيسن جا چالان پيش ڪيا ويا 12 ڪيس پينڊنگ ۾ آھن انهن ڪيسن ۾ به گذريل سال ڪنهن جوابدار کي سزا نه ملي سگهي ,گذريل سال ڪراچي ۾ جنسي ڏاڍائي جا 209 ڪيس داخل ٿيا جن ۾ 117 ٻارڙا ۽ 96 ٻاڙيون جنسي ڏاڍائي جي ڪوششن ۾ متاثر ٿيون جنسي ڏاڍائي جا 166 ڪيس چالان ٿيا 22 پينڊنگ ۾ آھن انهن ريپ ڪسين ۾ به گذريل سال رڳو ٻن جوابدارن کي سزا ملي سگهي 164 ڪيس هلندڙ آھن . آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪميٽي کي بريفننگ ڏيندي دعوي’ ڪندي  چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهن جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ڪچي ۾ ڌاڙيل اسان کي هٿ ملائڻ جي آڇ به ڪندا آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ٻارن کي اغوا ناهي ڪيو ويندو، اهي صرف گم ٿي ويندا آهن، ميڊيا جي هائپ  سبب معاشري ۾ خوف ۽ حراس ٿيندو آهي،  ڪميٽي ميمبر سينيٽر ڄام سيف الله خان چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پنوعاقل ۾ ڌاڙيل آيا ۽ ٻارڙي کي اغوا ڪري ويا، پوليس ڪوششن بعد ٻارڙي کي بازياب ڪرايو، جوابدار اڃا تائين آزاد گهمي رهيا آهن، هي ماڻهو وحشي آهن، انهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ڪميٽي اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري چيو ته يورپي يونين پريا ڪماري جي اغوا تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي، اسان ان معاملي تي سنڌ پوليس سان مسلسل رابطي ۾ آهيون، اهو واقعو پاڪستان لاءِ شرم جوڳو آهي. ڪميٽي چيئرمين چيو ته ڇا صرف يورپي يونين کي مطئين ڪرڻ جي لاءِ پريا ڪماري جي ڪيس تي پئسا خرچ ڪيا پيا وڃن.؟ بلوچستان ۾ به ڪيترائي ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، ڪراچي ۾ 2024ع ۾ ڪنهن به ڏوهاري کي سزا نه ملي، ڇو؟ نه رڳو سنڌ پر پنجاب ۾ به ڪيس اچي رهيا آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي جي بريفنگ ۾ چيو ته مختلف ادارن جي ڊيٽا ۾ فرق آهن، زينب الرٽ بل تحت ڪيس جو ٽن مهينن اندر ٽرائل مڪمل ڪرڻو آهي. اسان وٽ سزا جي شرح 25 سيڪڙو آهي، جيڪا پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. سزا جي اها شرح لنڊن ۾ به نه هوندي