يورپي يونين جا رابطا: يو اين سلامتي ڪائونسل اجلاس سڏائڻ جو اشارو: انڊيا تڪرار نه وڌائي، پاڪستان جاچ ۾ سهڪار ڪري: آمريڪا

0
24
يورپي يونين جا رابطا: يو اين سلامتي ڪائونسل اجلاس سڏائڻ جو اشارو: انڊيا تڪرار نه وڌائي، پاڪستان جاچ ۾ سهڪار ڪري: آمريڪا
يورپي يونين جا رابطا: يو اين سلامتي ڪائونسل اجلاس سڏائڻ جو اشارو: انڊيا تڪرار نه وڌائي، پاڪستان جاچ ۾ سهڪار ڪري: آمريڪا

واشنگٽن/اسلام آباد(م ڊ) پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ، يورپي يونين جا پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزيرن سان رابطا، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل صدر پاران سلامتي ڪائونسل اجلاس سڏائڻ جو اشارو، آمريڪي نائب صدر جو به صورتحال تي بيان سامهون اچي ويو. رپورٽس موجب آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ آمريڪا کي اميد آهي ته هو پهلگام واقعي جي جاچ ۾ ڀرپور سهڪار ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، آمريڪي نائب صدر هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته ڀارت کي گهرجي ته هو پهلگام واقعي تي اهڙي طريقي سان ردعمل ڏئي جنهن سان علائقائي تڪرار نه وڌي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ اميد آهي ته پاڪستان نه رڳو جاچ ۾ سهڪار ڪندو، پر دهشتگرد کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي به ڪندو. ياد رهي ته پاڪستان، پهلگام واقعي جي جاچ لاءِ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ڪميشن قائم ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پهلگام واقعي کانپوءِ وڌندڙ تڪرار جو ذميواراڻو حل ڪڍن. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽَيمِي بروس چيو آهي ته پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ڀارتي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني وزيراعظم سان رابطو ڪري مسئلي جو ذميوارڻو حل ڪڍڻ لاءِ زور ڀريو آهي، آمريڪا ٻنهي ملڪن سان حڪومتي سطح تي رابطي ۾ آهي، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر چيو آهي ته اهو اجلاس ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ مددگار ٿي سگهي ٿو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي صورتحال بابت جلد ئي 15 رڪني ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويندو،  اسان صورتحال جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جون ڪوششون مددگار ثابت ٿينديون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار يورپي يونين جي پرڏيهي ۽ سلامتي پاليسي واري نمائندي ڪاجا ڪلاس سان فون تي رابطو ڪيو، علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو، ڊار ڀارتي ڪوڙا الزام رد ڪيا ۽ سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آزاداڻي ۽ شفاف جاچ لاءِ پاڪستان جي تجويز کان آگاهه ڪيو. يورپي يونين نمائندي ٻنهي ڌرين کي صبر کان ڪم وٺڻ جو مشورو ڏنو، بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪي نائب صدر جو بيان انفرادي هوندو، آمريڪا جا پاليسي بيان وائيٽ هائوس ۽ پرڏيهي وزارت مان ايندا آهن، آمريڪي نائب صدر گنجائس ڪڍي آهي ته ڀارت فيس سيونگ لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهري ٿو ته ڪري، ڀارت کي فيس سيونگ نه ڏينداسين، اُن جي هر حرڪت تي ڪارنهن ملينداسين چيو ته ائين نٿو چئي سگهجي ته خطرو ٽري يا گهٽجي ويو آهي، ڀارت کي جنهن جي توقع هئي، پر ڀارت کي پنهنجي موقف تي عالمي سطح تي اُها موٽ نه ملي آهي، سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ايڏي سولي نه آهي، معاهدي جي معطلي تي ڀارت خلاف لاڳاپيل فورمز تي رابطو ڪيو ويندو، سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته پاڪستان ان انفرا اسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيندو.