ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌُر جا نوجوان ايم پي اي هڪ ٿي ويا، سنڌ اسيمبلي ۾ ينگ پارليامينٽريز فورم قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جا ميمبر شامل آهن. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ينگ پارليامينٽريز فورم جي 8 رڪني عهديدارن کي بنا مقابلي چونڊيو ويو آهي، پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ماروي فصيح راشدي کي بنا مقابلي صدر، پ پ ايم پي اي هالار وساڻ کي سينيئر نائب صدر، ايم ڪيو ايم جي شارق جمال کي نائب صدر،  پيپلز پارٽي جي شيراز شوڪت راڄپر کي جنرل سيڪريٽري، ايم ڪيو ايم جي محمد دانيال کي جوائنٽ سيڪريٽري، پيپلزپارٽي جي خرم ڪريم سومرو کي ايڊيشنل سيڪريٽري، مخدوم فخر الزمان کي انفارميشن سيڪريٽري ۽ پي ٽي آءِ جي بلال حسين خان جدون کي فنانس سيڪريٽري چونڊيو ويو.