صنعا(م ڊ) آمريڪي ڪرنل دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جا فوجي يمن ۾ داخل ٿي ويا آهن، ان دوران  يمني فورسز 70 آمريڪي ۽ اسرائيلي فوجي ماري ڇڏيا، رٽائرڊ ڪرنل ڊگلس مڪ گريگر موجب يمني فورسز کي هڪ روسي سيٽلائيٽ اسرائيلي ۽ آمريڪي فوجين جي داخل ٿيڻ جي خبر ڏني، ان اطلاع تحت ئي يمني فورسز ڪارروائي ڪئي، ايراني پريس موجب ڊگلس مڪ گريگر ٻڌايو ته روس جي سيٽلائيٽس ايراني عملدارن کي اطلاع ڪيو ته هن معلومات يمني فورسز تائين پهچائي، ڊگلس مڪ موجب يمن جا حوثي وڏا دلير ۽ انهن سان ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ سولو ناهي. آئون مارجي ويل اسرائيلي ۽ آمريڪي فوجين جا فوٽيج ڏٺا آهن جنهن ۾ اسرائيلي وڌيڪ آهن، مون کي لڳي ٿو ته انهن ۾ برطانوي به ٿي سگهن ٿا.