پيرس(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا يمنيٰ زيدي ۽ اساما خان جي فلم ”ناياب” انٽرنيشنل ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ٻه ايوارڊ ماڻي ورتا اهن. عمير ناصر جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل هن فلم کي بيسٽ فارن فلم ۽ بيسٽ فرسٽ ٽائيم فلم ميڪر يمنيٰ زيدي خوشي جي خبر کي پنهنجي انسٽا گرام تي تصويرن سان گڏ شيئر ڪيو ۽ ناياب جي پوري ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. ناياب هڪ اسپورٽس ڊرامو فلم آهي، جنهن ۾ هڪ ڇوڪري کي معاشري جي رنڊڪن باوجود پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئرلاءِ جدوجھد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.