نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي اداڪارا مڪيش کنا انڪشاف ڪيو آهي ته هن يش راج فلمز جي مشهور ڪردار “شڪتي مان” جا حق خريد ڪرڻ جي آڇ رد ڪري ڇڏي هئي، 90ع واري ڏهاڪي ۾ ڀارت جي مشهور ٽي وي سيريل “شڪي مان” ۾ سپر هيرو جو ڪردار ادا ڪندڙ مڪيش کنا جو چوڻ آهي ته هو نٿو چاهي ته ڪو به ان کي ڊسڪو ڊرامي ۾ تبديل ڪري. مڪيش کنا سڌارٿ ڪنن کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته يش راج فلمز جي اديتيه چوپڙا جي ٽيم هن کان پڇيو ته ڇا هو “شڪتي مان” جا حق ڏئي سگهي ٿو، هو شڪتي مان تي فلم ٺاهڻ چاهي ٿو پر هن اهڙي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. مڪيش يش راج فلمز جي ٽيم کي جواب ڏنو ته اديتيه کي چئو، اهو ڪير به هجي، جيڪڏهن اوهان هيءَ فلم ٺاهڻ چاهيو ٿا ته مون کي گڏ کڻي ٺاهيو، مون کي اهي حق صرف ان لاءِ ناهن ڏيڻا ته ڪو ان کي ڊسڪو ڊرامي ۾ تبديل ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ٻه سال اڳ سوني پڪچرز فلمز انڊيا پاران رنوير سنگهه کي شڪتي مان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر رائيٽس مسئلن سبب اهو پروجيڪٽ مڪمل نه ٿي سگهيو هو. اهڙي اعلان کانپوءِ مڪيش کنا ٽيم تي تنقيد ڪندي چيو ته هو ڪاسٽنگ مان خوش نه هيو.