ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو) گوليمار علائقي واسي صحافي جي پٽ نصيب الله منگي ۽ معشوق منگي کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي. مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي. ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي صحافين هنگامي اجلاس طلب ڪري اعلان ڪيو ته اڄ ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. صحافين احتجاجي مظاهرو ڪندي ايس ايس پي روحل کوسو کان مطالبو ڪيو ته صحافي جي اغوا ٿيل پٽ ۽ مائٽ کي جلد بازياب ڪرايو وڃي جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ته سڀاڻي کان مرحليوار احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. ٻئي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اغوا وارداتون ٿيڻ سبب رينجرز ۽ پوليس اٽالن هڪ بااثر سياسي شخصيت جي بنگلي تي چڙهائي ڪئي. رينجرز ۽ پوليس عملدارن سياسي بااثر شخصيت کي 2 ڏينهن اندر مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي مهلت ڏني آهي. ذريعن موجب پوليس عملدارن سياسي بااثر شخصيت کي اهو پڻ چيو ته ڀنگ ڀريو يا ٻيو ڪو طريقو ڪريو، 2 ڏينهن اندر مغوي بازياب ٿي گهر پهچڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ 2 ڏينهن بعد اوهان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. رينجرز اٽالن ۽ پوليس اٽالن جي سياسي بااثر شخصيت جي بنگلي تي چڙهائي بعد سياسي بنگلي ۾ ماڻهن جي اچ وڃ گهٽ ٿي وئي آهي.