تل ابيب(م ڊ) ايران – اسرائيل جنگبندي کانپوءِ اسرائيلي يرغمالين جي گهر ڀاتين غزا ۾ به جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسرائيلي ميڊيا موجب غزا ۾ موجود اسرائيلي يرغمالين جي گهر ڀاتين نيتن ياهو حڪومت کان غزا ۾ به جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي.هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته يرغمالين جي واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن، جيڪو ايران سان جنگبندي ڪرائي سگهي ٿو، اهو غزا جنگ به ختم ڪرائي سگهي ٿو.