غزه (م ڊ) جباليه ۾ فلسطيني جو گهر حماس جي اڳوڻي سربراهه يحيٰ السنوار جي زيارت گاهه بڻجي ويو. العربيه جي رپورٽ جنگبندي کانپوءِ فلسطينين جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي ٿي انهن ۾ هڪ فلسطيني شهري يوسف ابوطه جو گهر به آهي، جڏهن هو غزه پٽي مان واپس وريو ته منظر ڏسي دنگ رهجي ويو، جتي هن ڏٺو ته سندس گهر حماس جي اڳوڻي سربراهه يحيٰ السنوار جي زيارت گاهه بڻجي ويو آهي، رپورٽ موجب گذريل سال آڪٽوبر ۾ ان گهر جي صوفي تي ويٺل هو اسرائيلي ڊرون جهازن ان کي شهيد ڪيو يحيٰ ڊرون جهازن سان آخري وقت تائين وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي وڊيو به جاري ٿي هئي. 32 سالن جي فلسطيني شهري يوسف جو چوڻ هو ته اسين حماس سربراهه کي آخري لمحن تائين مزاحمت ڪندي ڏٺو ته اسان جي حيرت جي انتها نه رهي، ان کانپوءِ ابوطه صوفو کڻندي نعرو هنيو ته ابو ابراهيم اسان سڀ توهان لاءِ آهيون. ابوطه وڌيڪ چيو ته اسين سڀ حيران آهيون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته عظيم قائد اسان جي گهر ۾ شهادت ماڻيندو، اهو صوفو اسان جي رڳو فرنيچر نه پر مبارڪ شيءِ آهي، اهو صوفو منهنجي ڏاڏي جو هو جيڪو 54 سال پراڻو هو، ڏاڏي منهنجي والد کي شادي تي تحفي ۾ ڏنو هو پوءِ مون پنهنجي شادي تي اهو استعمال ڪيو.