يتيم ملڪ، ڇوري ڇني سياست، نڌڻڪو عوام

0
70
سنڌ-جي-مقدر-۾-رڳو-سور-آهن

  خيرن سان قوم ۽ آفيسرشاهي سان گڏ اسان جي عقلمند سياستدانن ملڪ جو پنجهترهون يومِ آزادي روايتي جوش جذبي سان  ملهائي ڇڏيو ۽ آزادي واري ڏينهن جتي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ روايتي ۽ پراڻن وعدن جو ورجاءُ ڪيو ويو اتي ملڪ جي قرضن مان جان آجي ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ وزيرِاعظم شهباز شريف پاران جيڪا ميثاقِ معيشت (صُلحِ معيشت) جي ڳالهه ڇيڙي وئي يا دعوتِ عام ڏني وئي ان کي تحريڪِ انصاف هڪ ڌڪ ۾ اهو چئي رد ڪري ڇڏيو ته، “صلح معيشت احمقاڻو خيال آهي. سياسي جماعتون سياسي صورتگيري (فريم ورڪ) تي گڏ ٿينديون آهن. صلح معيشت گرهستي (ڪميونسٽ) نظام ۾ ٿيندو آهي سياست ۾ نه.” ملڪ جي پنجهترهين آزادي واري ڏينهن کي يادگار بڻائڻ جي لاءِ هڪ يادگاري پنجهتر روپين جي نوٽ کي به جاري ڪيو ويو. نوٽ جي اجارت کي جتي عوام پاران ساراهيو ويو اتي نوٽ ۾ شامل مواد تي تنقيد به ڪئي وئي. جيئن ڪيترن ئي ماڻهن جي هي راءِ سامهون آئي ته نوٽ جي منهن تي علامه محمد اقبال، قائداعظم محمد علي جناح ۽ محترمه فاطمه جناح جون تصويرون نمايان ڪرڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو ڇاڪاڻ جو ذڪر هيٺ شخصيتن جو تحريڪِ پاڪستان ۽ پاڪستان جي قائم ٿيڻ ۾ وڏو ڪردار آهي پر سرسيد احمد خان جنهن جو سالِ وفات 1898ع آهي يعني پاڪستان ٺهڻ کان اڌ صدي اڳ جو آهي ۽ پاڪستان جڏهن ته انگريزن ڪٽر هندن کان آزادي حاصل ڪرڻ جي نتيجي ۾ پنهنجي ڊائمنڊ جوبلي ملهائي رهيو آهي سو سرسيد ته انهن سان گڏ هو. سهولتون به هنن کان وٺندو رهيو ۽ جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ ملازمت ڪرڻ سان گڏ عورتن کي تعيلم ڏيارڻ جي به خلاف هو ان جي تصوير کي تحريڪِ پاڪستان جي رهنمائن سان گڏ نمايان ڪرڻ مان خبر نٿي پوي ته ڇو شامل ڪيو ويو آهي.

آزادي واري ڏينهن ساون جهنڊن جي بهار ۽ ملي نغمن جي جذباتي ماحول ۾ اسان جي سياستدانن پاران ملڪ جي لاءِ نيڪ تمنائن، دعائن جي پيغامن سان گڏ عوام جي زندگين ۾ بهتر سهولتون  پهچائڻ جا جيڪي قول اقرار ڪيا ويا اهي به ڪي نوان يا جدت آميز ڪونه هئا. اسان وٽ اشرافيا هجي يا اسٽيبلشمنٽ، آفيسرشاهي هجي يا سياستدان توهان کي سڀ جا سڀ پنهنجي ڪردار، گفتار ۽ عملن ۾ “مهم جوُ يعني ايمبيشيئس” ئي نظر ايندا. هنن سڀني جون  ڳالهيون ٻڌي ايئن لڳندو آهي ته هي ته آسمان تان تارا به آرام سان هيٺ لاهڻ جي مها سگهه رکن ٿا، گهر هلائڻ، ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ، سياست ڪرڻ ۽ ملڪي مامرن کي اڪلائڻ ته هنن جي ساڄي هٿ جي راند ۽ کاٻي هٿ جو ڪمال آهي. پر افسوس پنجھتر سال گذري ويا ملڪ کي ايٽمي صلاحيت بڻائڻ، ڊي ايڇ اي ۽ بحريا ٽائون جهڙين مها رهائشي رٿابندين کي عام ماڻهن جي زمينن، گهرن، ڳوٺن، تاريخي ماڳن تي قبضا ڪري ٺاهڻ، بي او ٽي جي بنياد تي ڪجهه موٽر ويز ٺاهڻ، وڏن شهرن ۾ شاپنگ مالز، سائن پليڪس جهڙين ،مها سينما گهرن، ملڪي خزاني کي ٻاهر نيئڻ، اتي پنهنجي خاندانن جي لاءِ محفوظ مستقبل جي منصوبابندين کي عملي جامو پهرائڻ ۽ هرسال آزادي ڏهاڙي کي ڌوم ڌام سان ملهائڻ جي ٻيو ڪجهه به ته اسان حاصل ناهيون ڪري سگهيا. هڪ پراڻو قصو آهي ته هڪڙو همراهه جڳ مشهور پيسٽي سائيڊ ڪمپني “سيبا گائيگي” جي سائن بورڊ کي ڪنهن دڪان جي ٻاهران جڏهن پڙهيو ته هن جي دل مان بي اختيار هڪ ٻيو جملو “ڍولو مل ناچيگا” اچارجي ويو يعني اسان جي سياست هجي يا معيشت يا ملڪي وهنوار هن هڪ جملي “سيبا گائيگي ڍولو مل ناچيگا” جي مار آهي. ڇا هي حقيقت نه آهي ته عوام کي اها موٽ ناهي ملي جنهن لاءِ عوام تحريڪِ عدم اعتماد جي نتيجي ۾، قائم ٿيندڙ اتحادي حڪومت ڏانهن ڏسي رهيو آهي. مزي جي ڳالهه ته اتحادي حڪومت کي به اها موٽ ناهي ملي جنهن لاءِ اها اسٽيبلشمنٽ ڏانهن ڏسي رهي آهي ۽ هي به وڏو سچ آهي ته عمران خان کي به باوجود هي دعوى ڪرڻ جي ته عوام ساڻس سان گڏ آهي تحريڪِ عدم اعتماد واري رات اها موٽ ڪونه ملي هئي جنهن جي هي عوام مان خاص طور تي ان عوام مان جنهن جي ڪري سندس مشيرِ خاص شهباز گل جيل جي هوائن جا مزا ماڻي رهيو آهي، عدالتن جا چڪر  ڪاٽي رهيو آهي ۽ تحريڪ انصاف ۾، انصاف جي اميد لڳايون ويٺو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته شهباز گل جو اڊيالا جيل اسهڻ بعد عمران خان پاران پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي هڪ ڌمڪي آميز پيغام به موڪليو ويو آهي ته جيڪڏهن شهباز گل واري معاملي ۾ اسان جي مدد نه ڪئي وئي ته تحريڪِ انصاف پنجاب حڪومت مان ٻاهر نڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندي. منهنجي خيال ۾ عمران خان جو هي گفتو سواءِ سياسي اٽڪل بازي جي ٻيو ڪجهه به ناهي.

افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته پاڪستان اڄ به پنهنجي حقيقي رهنمائن جي ڳولا ۾ دربدر آهي. 1947ع ۾، پيدا ٿيندڙ دنيا جي نقشي تي هڪ نئون ملڪ اڄ به پنهنجي منزل ۽ مقصد کان ايئن ئي پري آهي جيئن هو شروع واري ڏهاڙي کان پري ڪيو ويو هو. قائد اعظم هن کي ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جديد اسلامي ملڪ بڻائڻ سان گڏ هڪ مها جديد اسلامي رياست بڻائڻ جا خواب به ڏسندو هو پر  هن جي وفات کانپوءِ هي ملڪ  هڪ  ڪٽر سوچ جو شڪار ٿي ويو. بادي النظر ۾ ڏٺو وڃي ته پاڪستان هن سوچ جو اهڙو ته آسان هدف بڻجي چڪو آهي جو جيڪي ڪلهه جون ترقي پسند سياسي، مذهبي پارٽيون هيون يا وري بعد ۾ جن کي پيدا ڪيو ويو انهن کي به ان سوچ جي عتابن مان گذرڻو پيو آهي. حالت هي وڃي بيٺي آهي جو هن وقت ملڪ ۾ جيڪا به پارٽي آهي چاهي اها مڪمل يا نيم سياسي آهي، پوري طرح سان مذهبي آهي يا نيم مذهبي يا ترقي پسند آهي ان سوچ سان ٺاهه ڪري چونڊن ۾ حصو وٺن ٿيون، حڪومتون تشڪيل ڏين ٿيون ۽ پرڏيهي يا ڏيهي سياسي ۽ معاشي پاليسيون ترتيب ڏين ٿيون، آئين ۾ ڪا ترميم ڪن ٿيون ته ان جي به اجازت وٺڻي پئي ٿي. تڏهن ته رضارباني جهڙا قابل سياستدان به پارليمان پارليمان ڪندي ۽ پارليامينٽ جي خودمختاري جي ڳالهه ڪندي اکين مان نير هاري ويهن ٿا ۽ اعتزاز احسن جهڙا مدبر سياستدان پاسي تي ٿي وڃن ٿا. جاويد لطيف، مشاهدالله خان يا خواجه آصف ۽ خواجه سعد رفيق جهڙا سياستدان جڏهن ٿورڙو به انقلابي بڻجن ٿا يا ڦاٽن ٿا ته سندن پارٽيون هنن کان ايئن منهن موڙي وڃن ٿيون ڄڻ اهي سندن جا هئا ئي ڪونه.

هن سڄي منظر ۾ هڪ ملڪ، ٻي سياست ۽ ٽيون آهي عوام جيڪي انهيءَ سوچ جا آسان شڪار بڻجي ويا آهن. ملڪ جيڪو پنهنجي معاشي ساک سبب سڄي جڳ ۾ خوار آهي، پنهنجي منزل جي تلاش ۾ ڀٽڪي رهيو آهي ۽ ڪنهن مسيحا جي انتظار ۾ آهي پر سندس اها جستجو بي سود نظر اچي رهي آهي. سياست جنهن کي اهڙو ته ڇورو ڇنو ڪيو ويو آهي جو ملڪ جو عوام هجي يا ٻاهريون طاقتون اسان جي سياست تي ڪنهن به قسم جو اعتبار ڪرڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ هن سڄي ماجرا جو ذميدار جتي اسان جا سياستدان آهن اتي اسان جي آفيسرشاهي ۽ اسٽيبلشمنٽ به آهي. تڏهن ته دنيا اسان تي ٽوڪ ٺٺول ڪري ٿي. باقي رهي ٿو عوام ته هن کي به صرف ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ ۾ هي چئي خوش ڪيو وڃي ٿو ته اڄ رات پيٽرول جا اگهه گهٽايا ويندا پر جڏهن صبح سان اک کلي ٿي ته اها ساڳي اک هن تي کلندي رهي ٿي. سو الائي ڇو فيض احمد فيض جي چواڻي وانگي هي گمان پختو ٿيندو ٿو وڃي ته پاڪستان کي ڄاڻي واڻي يتيم ڪيو ويو آهي ۽ هن کي بس قرضن جي سهاري هلايو ويندو. سياست کي به سايو ڪري ڇورو ڇنو ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام جو سياست مان ويساهه ختم ٿي وڃي ۽ جيڪو ختم ٿي به چيڪو آهي ته جيئن اسان کان ڪير به پڇڻ وارو ڪونه هجي ۽ اسان جا مزا سدائين قائم و دائم رهن. جڏهن عوام کي نڌڻڪو ڪري ماريو ۽ پيڙيو ويندو ۽ جڏهن هن کي اها تعليم به نه ڏني ويندي جيڪا کيس سوال ڪرڻ سيکاري ته اهو عوام اها جرئت ڪيئن پيدا ڪندو ته توهان اسان جي ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪري رهيا آهيو ۽ سياست جهڙي عظيم پيشي کي بدنام ڪرڻ سان گڏ عوامي اهنجن ۾ به اضافو ڪري رهيا آهيو. فيض احمد فيض کان هڪ خانگي ڪچهري ۾ جڏهن ڪنهن ملڪي حالتن بابت هي پڇيو هو ته، “آخر ڪيسيتائين پاڪستان ايئن قرضن جي سهاري ۽ سياسي عدم استحڪام جي سهاري هلندو رهندو” ته هن جواب ۾ چيو هو ته، “اها ته مونکي خبر ڪانهي پر مونکي هي خوف آهي ته پاڪستان سڄي عمر ايئن ئي هلندو رهندو!”