لاهور(اسپورٽس نيوز) ليگ اسپنر ياسر شاهه کي ڪشمير پريميئر ليگ جي ٻي ايڊيشن لاءِ ميرپور رائلز اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي. تفصيل موجب ياسر شاهه ۽ هن سان گڏ محمد رضا المصطفيٰ کي سپليمنٽري ڊرافٽ ۾ چونڊيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ميرپوررائلز جي اسڪواڊ ۾ رانديگرن جو انگ 20 ٿي ويو. ميرپور رائلز ٽيم جي چيئرمين عبدالواجد ياسر شاهه کي خوش آمديد ڪيو ۽ چيو ته هن جهڙي تجربيڪار اسپنر جي  اسڪواڊ ۾ اچڻ سان ميرپور رائلز جو بولنگ اٽيڪ وڌيڪ مضبوط ٿيندو.