ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪار ياسر حسين انڪشاف ڪيو آهي ته مان ڪنهن به پراجيڪٽ ۾ اداڪار احسن خان سان گڏ ڪم نه ڪرڻ چاهيندس. هڪ شو دوران ميزبان جي سوال جي جواب ۾ ياسر حسين چيو ته سڀ اداڪارائون سٺيون آهن مان ڪنهن سان به ڪم ڇو نه ڪرڻ چاهيندس، ميزبان جي زور ڀرڻ تي ياسر حسين ٻڌايو ته مان احسن خان سان ڪم ڪرڻ نه چاهيندس. اداڪار سبب ٻڌايو ۽ چيو اصل ۾ احسن کي مان ڪافي بورنگ انسان لڳندو آهيان، احسن جڏهن اوهان جي شو ۾ اچي ته هن کان اها ڳالهه ضرور پڇا ڪجو، هيڏانهن مان هن جو مداح آهيان ۽ هوڏانهن اهو چوي ٿو ته مان بورنگ آهيان.