جروار (ن پ ا) يارولنڊ شهر ۾ ٻن عطائي ڊاڪٽرن  غلام علي لنڊ ۽ ڊاڪٽر رياض لنڊ جو  مريض چڪاس ڪرڻ واري معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺيون لڳڻ سبب ڊاڪٽر غلام علي لنڊ سخت زخمي ٿي پيو،  زخمي کي علاج لاءِ سول اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڊاڪٽر رياض لنڊ جو مريض ڊاڪٽر غلام علي لنڊ جي اسپتال وڃي علاج ڪرايو جڏھن اها خبر ڊاڪٽر رياض لنڊ کي پئي ته هن حملو ڪري ڊاڪٽرغلام علي لنڊ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي ڊاڪٽر غلام علي لنڊ کي سول اسپتال ميرپورماٿيلو ۾ داخل ڪيو ويو، هوڏانهن يارولنڊ ٿاڻي اين سي  ڊاڪٽر رياض مٿان داخل ڪئي ويئي، ڊاڪٽر رياض لنڊ پنهنجي اسپتال بند ڪري فرار ٿي ويو، يارولنڊ پوليس موجب الزام هيٺ آيل رياض لنڊ اسپتال بند ڪري فرار ٿي ويو.