سکر (بيورو رپورٽ) تعليم بورڊ سکر جي نگراني هيٺ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان اڄ سومر کان شروع ٿيندا، يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي امتحان ۾ مجموعي طور تي 90  هزار 759 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، پري ميڊيڪل ۾  36 هزار 580 ميل، 25 هزار 274 في ميل، پري انجنيئرنگ گروپ ۾ 23 هزار 78 مرد ۽ 2 هزار 147 عورت اميدوار حصو وٺي رهيون آهن، اهڙي ريت اڪنامڪس، ڪامرس، ڪمپيوٽر سائنس شعبن ۾ به عورت ۽ مرد اميدوار حصو وٺي رهيون آهن، اسسٽنٽ ڪنٽرولر امتحانات غلام مصطفيٰ پيزادو موجب سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ 148  امتحاني سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن، ٽنهي ضلعن ۾ 73 ميل، 33 في ميل ۽ 56 گڏيل امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ڪاپي جي روڪٿام لاءِ 24 ڇاپا مار ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن. اڄ سومر تي يارهين جماعت جي اميدوارن کان انگريزي جو پيپر ورتو ويندو، جڏهن ته اڱاري ڏينهن ٻارهين جماعت جا اميدوار انگريزي جو پيپر ڏيندا.