سکر (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ سکر جي ماتحت يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان سڀاڻي 5 مئي کان شروع ٿيندا، سپلا سکر ڊويزن جي صدر پاران امتحانن واري عمل جي بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سپلا پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ريجن جي صدر صدر ملهار سنڌي چيو آهي ته سکر تعليمي بورڊ پاران يارھين درجي ۾ پريڪٽيڪل وارو امتحان نه وٺڻ واري اعلان کي اسان تعليم دشمن ۽ شاگرد دشمن سمجھندي رد ڪريون ٿا ۽ اھو سمجھون ٿا ته سکر بورڊ شاگردن کان سائنسي تعليم کسي تعليم دشمني واري ايجنڊا تي عمل پيرا آھي، جڏھن ته سڀني ساڃاھه وند ڌرين سول سوسائٽي ۽ ادارن کي اھو واضح ڪرڻ چاھيون ٿا ته سنڌ سميت پوري پاڪستان جي تعليمي بورڊن پاران پريڪٽيڪل جو امتحان ورتو پيو وڃي، رڳو واحد سکر بورڊ آھي جيڪو پريڪٽيڪل جي امتحانن جو انڪاري آھي، اهو انتھائي احمقاڻو فيصلو آھي، اڳواڻ چيو ته سکر بورڊ جي اي مارڪنگ واري تجربي تي پڻ اسان ھر ميٽنگ ۾ تحفظات رکيا آھن، اي مارڪنگ جي حوالي سان ڪا تياري نه ڪئي وئي آهي، استادن ۽ شاگردن کي ڪا به ٽريننگ نه ڪرائي وئي آهي، هن چيو ته اسان بار بار چيئرمين بورڊ رفيق پلھه، ڪنٽرولر ۽ سموري سکر بورڊ جي انتظاميا کي ميٽنگ ڪري چيو ته پريڪٽيڪل وارو امتحان ختم نه ڪيو وڃي پر انتظاميا اسان جي جائز موقف کي مان ڏيڻ لاءِ تيار ناھي.