يادگيرين جي ڳڙکي مان

0
39
يادگيرين جي ڳڙکي مان

لڳ ڀڳ 28 سال اڳ آگسٽ 96-1995ع جي ڳالھه آھي، هوٽل جبيس صدر ڪراچي ۾هڪ  نوجوان شاعر جي شاعري جي ڪتاب جي مهورت ھئي. آءُ ۽ ايڊووڪيٽ محمد قاسم ميرجت، حسين بخش ناريجو تقريب ۾ وياسين . تمام گهڻي رش ۽ پيهه ھئي. سامهون ويٺلن جي وچ ۾ مهان شخصيت شيخ اياز صدارت ڪري رهيو هو . سڀن جون نظرون مٿس کتل هيون.  سنڌ جو هيڏو وڏو تاريخ جو سرمايو، سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ڏس! جسماني طرح ڪمزور ۽ ضعيف نظر آيو . پر هي عمر جو جيترو وڏو اوترو وڌيڪ املھه،  سندس جسماني ڪمزوري ۾ استقامت ۽ علم جي طاقت سمايل آھي ڏٻرو ۽ ضعيف حالت هيس. ڇڙھي/ لٺ ساڻ ھيس.

                 سندس تقرير مفڪرانه ۽ مدبرانه هئي . مون سڄو وقت اهو پئي سوچيو ته ساڻس ڪيئن ملجي ۽ ڳالهائجي. رش تمام گهڻي هئي، سندس چاهيندڙ،  ملڻ وارا ۽ آٽوگرف وٺڻ وارا وارو ئي نه ڏين . نيٺ گهتون ستون هڻي ساڻن هٿ ملايم، ٻيو ته ڪو ڪاغذ ڪونه مليو،  پوءِ سگريٽ جي پاڪيٽ واري پاٺي جي ٽڪري تي پنهنجو نالو ۽ فون نمبر سميت لکيم ته “اوهان سان ملڻ جي سڪ ۽ چاهه”. پاڻ مونکان ٽڪرو وٺي ڪوٽي جي کيسي ۾ وڌائين. دل ۾ سوچيم اهو به ڪم ڪونه ٿيو،  حسرت رهجي وئي . هڪٻئي کي ڌڪيندا لتاڙيندا هيٺ لٿاسون . اسان به هڪٻئي کان موڪلايو . رات جو ڊفينس گارڊن وڏي ڀاءُ نورمحمد وٽ رهڻ کانپوءِ ڳوٺ واپس روانگي جي تياري ۾ ھئس. ايتري ۾ 11 بجي ڌاري PTCL فون تي ring آئي، مون وڌي فون کنيو. سامهون آواز آيو “هيلو! سليمان ڏاهري آھي”، مون چيو ڳالهايان پيو،  چيائين: “مان شيخ اياز آھيان،

توهان مان کي چٽ لکي ملڻ لاءِ ” ، آءُ خوشي ۾ نه پئي ماپيس، چيائين ته منهنجو گهر پرنس اپارٽمينٽ ۾ ڪلفٽن bridge وٽ آھي، مون چيو سائين گهر منهنجو ڏٺل آهي،  اڳ۾ توهان جي فليٽ تي ڊاڪٽر بخت جمال شيخ سان دعوت ڏيڻ لاءِ آيل آھيان.چيائين توهان 2 بجي اچي سگهو ته ڀلي اچو. مون ته پئي اهڙا ڏينهن ڳوليا. دل ئي دل ۾ گد گد پئي ٿيس.

پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ سسئي ۽ ڀاڻيجي حميدالله کي ساڻ گڏ وٺي ڪئميرا سميت مقرر وقت تي پهتاسين،دروازو کليو، ڀرسان ڪمري ۾ عظيم هستي شيخ اياز صوفي تي ويٺل هو. ڏاڍي ادب ۽ چاھه سان ساڻس ملڻ کانپوءِ ويٺاسين. مون کيس ٻڌايو ته توهان جي VC هجڻ واري دوُر ۾ آءُ يونيورسٽي ۾ آيس،  78-1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽي شاگرد يونين عهديدارن جي قسم جي رسم دوُران فنڪشن ۾ توهان جي تقرير اڄ به ذهن تي نقش آھي،ان کانپوءِ حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو شاندار فنڪشن 89-1988ع ۾ ٿيو ، پليجي صاحب جي صدارت ۽ توهان مهمان خاص هئا، سنڌياڻين توھان جو ڊرامون “دودي سومري جو موت”پيش ڪيو هو. ايئن ساڻس ۽ سندس شاعري سان لڳاءُ ۽ انس جو ٻڌايم، سڀ ڌيان سان ٻڌائون ۽ پوءِ منهنجي پڇيل ڳالهين سان پاڻ بي حجاب بنان رک رکاءُ ۽ تڪلف جي ڳالهائيندا ويا.

ڀٽائي سنڌ کي لوڙھو ڏنو آھي ۽ اسان جو ڪم سنڌ کي لوڙھو ڏيڻ آھي. سائينم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار بيت کانسواءِ ڪٿي به لطيف سنڌ لفظ استعمال نه ڪيو آھي. لطيف جي رسالي ۾ آيتون ٽنبيون ويون آھن . لطيف جي بيت ۽ واين جو مٽ ثاني ناهي.

چيائين اياز جا 55 ڪتاب ۽ 10 واليوم ٿي سگهن ٿا . اڻ ڇپيل 40 جي لڳ ڀڳ آھن . ڇھه دفعا دل جو دوُرو ٿيو آھي،  بيماري جي حالت ۾ 40 صفحا وري به لکجي ويندا هئا. سندس ڳالهين ۾ هنن متعلق سڀئي touch هئا  .

 لطيف جو keywords سان رسالو ڇپجي چڪو آھي .

ان طرح منهنجا واليوم هجڻ گهرجن .

منهنجي شاعري جا سليڪٽيڊ ورڪس ڇپجڻ گهرجن .

منهنجي دعائن جهڙيون دعائون اسلامي تاريخ ۾ ڪنهن نه لکيون آھن .

موسيٰ ڀٽي جي لکڻي ۽ استعمال ٿيڻ سان مان جو واسطو ناهي، مان ترديد نه ڪئي آھي .

دنيا اندر ڪنهن به مان جيتري پابند شاعري نه ڪئي آھي .

وڪالت ۾ لک ڏيڍ ملي ويندو هو،  هاڻ ته اڃان به فيون وڏيون آھن .

هاڻ به ٻاهر دعوت آھي . آمريڪا جو 12 ، 12ڪلاڪ سفر نٿو ٿئي .

سنڌ مسلم ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي ۾ IG سنڌ پوليس بشير صديقي 1000 والن جو پلاٽ ڏنو ، فليٽ کان وڌيڪ ڪجھه ناهي،اها ئي دنيا آھي. ٻه ميل وٺي سنڌ ڏيان ،

شاعري ۾ پئسو ناهي، پئسي ۾ شاعري ناهي .

شيخ اياز فائونڊيشن ٺھڻ گهرجي، خيرپور مان اٺن ڏھن شيخ اياز تي PHD ڪئي آھي .

(سندس آخري گهڙين تائين جون حسرتون پوريون ٿي چڪيون آھن. ثقافت کاتي جي سابق وزير ادي سسئي پليجو همت ڪئي ۽ اياز سمورو ڇپجي ميدان تي اچي ويو، اٺن سالن کان خانه بدوش ۾ هرسال پنجن ڏينهن تائين مٿس لڳندڙ ميلو ان جي زنده گواهي آھي.)

شيخ مجيب. جي ايم سيد کي چيو مون کي شاعر ڏي  ۽ اياز کي بنگالي سڃاڻن ٿا. اسان کي سکر ۾ ميٽنگ ۾ وڃڻو هو،  جي ايم سيد پابند ڪيو ته هيئن ڳالهائڻو آھي . اسان کي پنهنجو پاڪيٽ سمجهندو هو،  هن جي ذھنيت مالڪاڻي هئي .

شيخ مجيب گورنري لاءِ چيو هو. باقي بچيل ملڪ ۾ جمهوريت جا حامي رهياسين .

ڀٽو وڏو قابل هو ۽ يونيورسل هو. هو سياست، حڪمت عملي، بين الاقوميت، سفارتي تعلقاتن ۽ ڊپلوميسي جو ماهر هو. ڀٽي کي شاعري نه ايندي هئي، شاعري جي باري ۾ صرف مٿاڇري ڄاڻ ھيس .

وائيس چانسلري کانپوءِ مونکان صرف پڇيائين، مون اڃان 6 پروفيسرن جو احوال ئي نه ڪيو ته هن ان تي آرڊر suspension جو جاري ڪري ڇڏيو. جتوئي به ڳالهائي نه سگهيو ته مان ڇا ٿي ڳالهائي سگهيس. پيرزادي پروفيسرن کي ٻئي هنڌ نوڪري ڏيڻ لاءِ چيو ته مان چيو ته مان پاڻ ڀٽي کي ايئن ئي چوڻ ٿي چاهيو، پر هن آرڊر جاري ڪري ڇڏيو .

ڀٽي ڪرسي لاءِ چيو ته اها خراب آھي. جڏنهن ماڻھو ڪرسي تي هوندو آھي ته ان کي ماڻھو وڪوڙي ويندا آھن ۽ مغروري ٿي ويندي آھي ان جو خيال ڪجان. مان پاڻ ايئن ڪيو ۽ ھو پاڻ ان ساڳي ڳالھه جو کاڄ ٿي ويو .

بينظير ذھين آھي، پر هن کي خوشامدڙين جو گهيرو آھي .

پليجي جي آءُ خلاف ناهيان،  مو سراج (ميمڻ) کي چيو ته پليجي کي فون ڪري چئو ته مان تو لاءِ نه چيو آھي ۽ ھن به حيرت ظاهر ڪئي. پليجي کي اياز تمام گهڻو ياد آھي. هن کي استاد بخاري جا ته ٻه ٽي شعر ياد آھن . پليجو اياز سان محبت ڪري ٿو.

پٺاڻ ( افغاني)  materialist نه ٿيندا آھن . افغانستان ۾ انقلاب impose ڪيو ويو . انقلاب  import نه ٿيندا آھن. اهي اندران ئي ڦٽندا آھن. فرنٽيئر مان ڪوبه حصو ورهاڱي وقت هندستان حوالي نه ٿيو .

ڇا سنڌين ۾ ولولو ۽ سجاڳي آھي .

آزادي، نجات جا 5 سيڪڙو event هوندا آھن . 95 سيڪڙو محنت، جدوجهد ۽ قرباني هوندي آھي. آزادي رتوڇاڻ سان ايندي آھي، ايتري سولي نه هوندي آھي.

(سندس چوڻ ھو ته غلامي بين الاقوامي بندوبست سان ٿيل آھي، وڏي ڪنهن عالمي disaster سان ئي جنونيت مان جان ڇٽندي ۽ سندس ڳالھه صحيح ثابت ٿي جو2001ع کانپوءِ انتها پسندي عالمي نشاني تي اچي وئي)

شيڪسپيئر، روسي ادب سميت ٻين ٻولين جي ادب تي ڳالهايائين. مونکي ويهاري ڇڏيائين ته بدر ابڙو اچي ان سان ملي شيخ اياز فائونڊيشن لاءِ صلاح ڪريو. هو آيو ۽ ساڻس ملياسين  ڳالهين ۾ چيائين ته نوجوان حسن وساڻ ڀلو ماڻھو آھي . ان سان به مشورو ڪريو . مسڪرائيندي چيائين هو ٿوم جو فصل پوکيندو آھي .

انسان سندس ماءُ پيءَ جي رت مان ٺھيو، پوءِ اهي انهن جي ماءُ پيءَ مان، ۽ بالآخر باھه جو گولو، ان کان سولي ڳالھه ته قدرت جي آھي، هاڻ منهجو خدا تي ويساهه آھي ۽ ضرور قدرت آھي.

شيخ اياز سان هي ملاقات ۽ ڪچهري زندگي جو يادگار اثاثو آھي. سڀني سميت مون به کيس ڳاتو .

تو ڳاتا گيت بغاوت جا تو لاٿا زنگ ضميرن جا.