حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ميڊيڪيم گروپ آف ڪمپني پاران آرٽيفشل زو لطيف آباد سميت مختلف چوڪن ۽ چوراهن تي لڳل مونو ميٽس جو افتتاح ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقامي هوٽل ۾ تقريب به منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ميئر ڪاشف شورو، ميڊيڪيم گروپ جي ڊائريڪٽر ايڊمن ظفر رياض باري، جاويد اختر ڪياني، محمد عامر سميت مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شريڪ ٿيا. ڪمپني جي عملدارن ميئر ڪاشف شورو سان گڏجي ميڊيڪيم برادري رائوڊاپ، آٽو ڀان روڊ، ميڊيڪيم ٽاور ڀٽائي چوڪ، آرٽيفشل زو لطيف آباد، ميڊيڪيم مونو مينٽ آٽو ڀان روڊ، اليفينٽ اسٽيٽ شهباز بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب دوران ڳالهائيندي گروپ ڊائريڪٽر ۽ ٻين چيو ته شهر جي مختلف چوڪن چوراهن تي آرٽيفشل شيون ۽ خوبصورت مونو مينٽس لڳائڻ جو مقصد شهرين کي تفريحي فراهم ڪرڻ آهي. ميئر سان گڏجي انهن ٽن هنڌن تي لڳل خوبصورت مجسمن جو افتتاح ڪيو آهي جڏهن ته ٻن هنڌن تي اڃا افتتاح ڪيو ويندو. هنن چيو ته سندن مقصد شهر جا چوڪ ۽ چوراها خوبصورت بڻائڻ آهي. انهن علائقن ۾ مجسما تعمير ڪرائي اتي گرين بيلٽس ۽ ٻيون خوبصورت شيون به لڳايون وينديون ته جيئن شهري پنهنجي فيمليز سان گڏ اچي تفريحي ماڻي سگهن. ميئر ڪاشف شورو چيو ته خانگي ڪمپني ميڊيڪيم ۽ رولز جي سهڪار سان شهر جي مختلف علائقن کي خوبصورت بڻايو پيو وڃي ته جيئن شهر اصل حالت ۾ بحال ٿي سگهي. ٽريفڪ مئنيجمينٽ جي حوالي سان ڄاڻايو ويو ته گاڏين جي اچ وڃ بهتر بڻائڻ ۽ ماڻهن کي نو پارڪنگ کان آگاهه ڪرڻ لاءِ انهن 300 سائن بورڊ ڏنا آهن ته جيئن ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ٿي سگهي. هنن شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي مختلف هنڌن تي لڳل جسمن جي مالڪي ڪن ته جيئن اتي اچي هو تفريحي ماڻي سگهن.