وھڪرا ۽ گھارا ارضياتي علم جي نظر ۾

0
50
وھڪرا ۽ گھارا ارضياتي علم جي نظر ۾

  سائنس جي باھمي لاڳاپي جي دور ۾ ٻوڏ يا برساتي وھڪري جي نڪاسي يا گھاري جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ فقط  آبي حرڪت (Hydrodynamics) جي نقطي نظر  تحت انتظام ڪرڻ سان شايد ئي مناسب نتيجو حاصل ٿئي.  ڇاڪاڻ ته ڌرتي جو جديد تعميري (Neotectonic) عمل دريائي وھڪرن جي آبي حرڪت ۽ بندن جي بناوٽ ۽ بنياد جي سگھه تي اثرانداز ٿئي ٿو.  برساتي پاڻيءَ جي نڪاسي ۽ بند ۽ ڪينالن جي ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آبي حرڪت سان گڏوگڏڌرتي جي جديد تعميري (Neotectonic) عمل جو اڀياس ڪري مناسب حڪمت عملي تيار ڪرڻ سان ئي ڪاميابي ٿيندي.  جديد تعميري عمل زميني منظر (Landscape) تي مٿاڇري جي سرگرمي ، ڏارن (Faults) جي چرپر ۽ زلزلن جي صورت ۾پنھنجي موجودگي ڏيکاريندو آھي.   جڏھن ته مٿاڇري جي سرگرمي،ڏارن جي چرپر ۽ زلزلن جي زير اثر دريائي شڪليات عمل (Fluvial Geomorphological process) درياءَ جا وھڪرا تبديل ۽ بندن ۽ ڪينالن جي ڪپرن جي بناوٽ ۽ بنياد ۾ طبعي تبديلي آڻي گھارا وجھڻ جو سبب ٿئي ٿو.

جيئن ڪنھن به عمارت جي پختگي پرکڻ لاءِ سندس بنياد سان گڏوگڏ  بنياد جي جڳھه جي خاصيت جو اڀياس ڪرڻ اھم ھوندو آھي. اھڙي طرح وھڪرا ۽ گهارا پرکڻ لاءِ به ڌرتي جي بناوٽ ۽ ڌرتي جي تعميري عمل جو اڀياس ڪرڻ لازمي آھي. سنڌ جي ڌرتي جو ڍانچو پنجن تعميري بناوٽ تي مشتمل آھي. 1.ٿلهو(Platform)، ٿلھي جي لاھي (Platform Slope) ،اڳ واري ھيٺاھين (Foredeep)، محوري پٽو(Axial Belt) ۽ کنڊائون ڪنارو (Continental Margin). جن جي بنياد تي  ريگستان،ڪچو،ڪاڇو،لاڙ ۽ ڊيلٽاٺھيا آھن. جڏھن ته اونها ڏارَن مٿين ڌرتي جي ڍانچن  ۽ مٿاڇري جا علائقا ٺاھڻ ۾ وڏوڪردار ادا ڪيو آھي.  سنڌ جا وھڪرا ۽ گھارا به ھن وقت به انھن ڏارن جي چرپر کان متاثر ٿين ٿا.  جيئن جهمپير ۽ جيسلمير.  سجاول ڏار، کيرٿر ڏار،   ٽوري ڏار، جيڪب آباد ڏار ، ڪراچي ڏار جو علائقو  ۽ نگرپارڪر ڏار.

سنڌ ۾ وھڪرا ٻن قسمن جا آھن. فطري ۽ انساني سرگرمين وارا وھڪرا. فطري وھڪرا ٽن قسمن جا آھن.  دريائي وھڪرا،نئن جا وھڪرا ۽ زميني منظر(Landscape) وارا وھڪرا.  جڏھن ته انساني سرگرمين وارا وھڪرا  آبپاشي ۽ نڪاسي واري نظام تي مشتمل آھن. اھڙي طرح گهارا به ٻن قسمن جا ٿين ٿا. فطري گھارا ۽ انساني ۽ حيواني سرگرمين جي نتيجي ۾ پوندڙ گهارا (انساني سرگرمين وارا گهارا).  فطري گھارا پاڻيءِ جي زير زمين وھڪرن ۽ مٿاڇري جي آبي حرڪت ۽ مٽي جي سگھه ڇڏڻ جي سببن ڪري پوندا آھن. جڏھن ته حيواني ۽ انساني سرگرمين سان ٿيندڙ طبعي تبديلي ڪري وھڪرن جي ڪنڌي جي ڀڄڻ ۽ بندن جي ٽٽڻ کي انساني سرگرمين وارا گهارا چئجي ٿو. سنڌو درياءَ پنھنجي سنڌ جي سفر دوران ڪيترائي  وھڪرا مٽايا۽ ٻين دريائي وھڪرن کي پنھنجو به ڪيو آھي.   موجودہ درياءَ جي وھڪري جي ساڄي ڪنڌي تي ست وھڪرا ۽  کاٻي ڪنڌي تي لڳ ڀڳ چوڏھن وھڪرا آھن.  ساڄي ڪنڌي وارا وھڪرا سنڌو درياءَ جا پنھنجا آھن.  جڏھن ته کاٻي ڪنڌي وارن وھڪرن ۾ نارا، سرسورتي (ھڪڙو) ۽ ستلج جا وھڪرا  شامل آھن. درياءَ جي وھڪرن مٽائڻ واري رجحان ڪري ڪيئي شھر اُجڙي ويا آھن. مٿيان لڳ ڀڳ 21 دريائي وھڪراڪڏھن درياھي بند ٽٽڻ ته ڪڏھن برساتي وھڪري کي پنھنجي سيني ۾ جڳھه ڏئي سمنڊ تائين پھچڻ لاءِ وھڻ شروع ڪندا آھن پر زمين جي مٿاڇري جي تبديلي رنڊڪن جي ڪري سمنڊ تائين پھچڻ جي بجاءِ علائقا ٻوڙڻ شروع ڪندا آھن. زميني منظر (Landscape) وارا وھڪرا آبپاشي وارن وھڪرن جي رنڊڪن ڪري به فصل ٻوڙيوڇڏن. 2010ع، 2011ع ۽ 2022ع جي وھڪرن ۽ بندن ۽ ڪينالن جي ڪپرن جي ٽٽڻ جي اڀياس ڪرڻ سان لڳي ٿو ته سنڌو درياءَ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪنڌين  جا 2022ع  وارا وھڪرا دراصل 2010ع ۽ 2011ع وارن وھڪرن جودهرايل منظرناموآھن. فقط فرق 2010ع ۽ 2011ع ٻوڏ ۽ برساتي وھڪرا ھئا.  جڏھن ته فقط  2022ع جا وھڪرا برساتي آھن.  ھن برساتي وھڪرن جو ذريعو فضائي ندي ھئي، جنھن کي خط استوا وٽ ٺھڻ کانپوءِ اُلھندي ھوا ڇڪي سنڌ تي اچي وھايو.  تنھن ڪري فضائي ندي مخصوص حدن جي اندر وھندي رھي.

2022ع ۾ درياءَ جو پاڻيءَ پنھنجي ٻوڏ جي ميدان تي وھندو رھيو، پر ڪوٽڙي بيراج کان ھيٺ واري جي دڙن جي بيھڪ ۾ ظاھري طور تي معمولي تبديلي نظر نه اچڻ  سان لڳي ٿو ته تقريبن 6 لک ڪيوسڪ پاڻي جو دريائي وھڪري ۾ لٽ ڇڪڻ جي طاقت نه ھئي يا درياءَ جو پيٽ ڪنھن مٿاڇري جي سرگرمي جي ڪري لٽ کي اڳتي ڌڪي نه سگھيو آھي. 2010ع ۽ 2022ع ۾ سپريو بند جي ٽٽڻ واري علائقي کي زلزلن جي مسلسل ڌوڻڻ ڪري بنيادي مٽي جي سگھه يا بند جي بناوٽ ۾ طبعي تبديليون گھاري جو سبب ٿي سگھن ٿيون. منڇر ڍنڍ به زلزلن جي ڌوڻڻ واري علائقي ۾ اچي ٿي.  ڇا14۽ 31 آگسٽ 2022ع تي ڌرتي ڌٻڻ سان پاڻيءَ جي آبي حرڪت نفسياتي جنگ کٽي ورتي.  اِن سوال جي جواب لاءِ مٿاڇري جي سرگرمي  ۽ آبي حرڪت جي  تحقيق ڪرڻ ضروري آھي. سنڌ جي بندن ۽ ڪينالن ۽ شاخن جي  ٽٽڻ جو اهم سبب زير زمين پاڻي جا وهڪرا ۽ مٿاڇري جي سرگرميون ۽ زلزلن جي ڪري بندن ۽ آبپاشي جي وھڪرن جي بنياد ۾ ڳار ٺھڻ ۽ بناوٽ ۾ طبعي تبديليون ٿيڻ،جن کي سائنس جي باھمي لاڳاپي تحت نگراني ڪري سگھجي ٿي،  اھڙي طرح نگران نظام ٺاھي وقتائي رد عمل سان بچاءَ ڪري سگھجي ٿو.