وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ٿرڙي ھاشم ملوڪ تنيو خيروجتوئي آلي کبڙ صوبدار جتوئي جعفراڻي ياروديرو سميت ڳوٺن ۾ مليريا جو مرض تيزي سان ڦھلجي رھيو آھي جڏھن ته وڳڻ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ گذريل ڪجھه ڏينهن کان 150 کان وڌيڪ ڪيس مليريا پازيٽو رپورٽ ٿيا آھن، جنھن ڪري مريضن جو تعداد وڌڻ ڪري مليريا دوائن جي پڻ کوٽ وڌي وئي آھي، مليريا مريضن کي اثرائتو علاج نه ملڻ ڪري سندن وارث شھر جي خانگي اسپتالن مان علاج ڪرائڻ لڳا آھن، جڏھن ته رابطو ڪرڻ تي رورل ھيلٿ سينٽر عملي ٻڌايو ته ڪجھه ئي ڏينھن کان علائقي ۾ گرمي جي شدت وڌڻ سبب زھريلن مڇرن ۾ واڌ ٿي آھي ۽ 150 کان وڌيڪ مريضن جي مليريا ٽيسٽ پازيٽو آئي آھي، اھڙي رپورٽ اسان ڊي ايڇ او قمبر کي پڻ اماڻي آھي، جنھن ۾ مليريا دوائون ڏيڻ جي سفارش ڪئي آھي، ته جيئن مليريا مريضن جو بھتر علاج ٿي سگھي.