وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ شھر جي تنيا محلي جي رھواسي صوفي راڳي ممتاز تنيو سازن سميت احتجاج ڪندي دانھيو ته گذريل 20 ورھين کان راڳ جي دنيا سان وابسته آھيان ۽ مختلف خانگي ثقافتي توڙي صوفي پروگرامن ۾ فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھيان، پر ثقافت کاتي طرفان ڪا به سار ناھي لڌي وئي، تازو ڀٽائي سرڪار جي سالياني عرس مبارڪ ۾ ٻين فنڪارن کي دعوت ڏئي گھرايو ويو، پر مون کي نظرانداز ڪري پاس جاري نه ڪئي وئي، جڏھن ته ثقافت کاتي مان ملندڙ وظيفي ۾ پڻ نظرانداز ڪيو ويو آھي، سنڌ جي ڪيترن فنڪارن جو ماھوار وظيفو مقرر ٿيل آھي، جنھن ۾ اسان جو نالو نٿو ڏنو وڃي مسڪين فنڪار آھيان، فن وسيلي ڳائي وڄائي ٻچڙن جو پيٽ پاليان ٿو ثقافت کاتو اسان مسڪين فنڪارن جي مالي سھائتا ڪري ته جيئن اسان سنڌ جو ثقافتي راڳ کي قائم رکي سگھون، ھُن ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته ماھوار وظيفو مقرر ڪري مالي سھائتا ڪئي وڃي.