چوريون، ڦرون معمول بڻيل آهن، ڳوٺ خيرو جتوئي ۾ گهرن اڳيان ويٺل ٻن نوجوانن محمد جابر جتوئي ۽ زبير جتوئي کان نامعلوم ڦورن ٻه موبائل فونون روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿيارن جي زور تي ڦري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، گذريل ٻن ڏينهن دوران علائقي ۾ چار کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون ڦرجي ويون آهن، جڏهن ته ڳوٺ قبول تيوڻو ۾ ڳوٺاڻي محمد رفيق تيوڻو جي گهر مٿان لڳل سولر پليٽون پڻ چوري ٿي ويون، جنهن جو پڻ هن مهل تائين ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، ان حوالي سان وڳڻ واسين جو چوڻ آهي ته وڳڻ پوليس امن امان قائم رکڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، پوليس جون ڪارروائيون صرف ٿاڻي تائين محدود ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته چور ڦورو ۽ ٻيا ڏوهاري آزادانه ڪارروايون ڪري رهيا آهن، جنهن سبب شهرين ۽ علائقي واسين ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف تاءُ پکڙيل آهي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ڪامريڊ غلام حسين مغيري، قاري محمد عثمان مغيري، گلاب وڳڻ ۽ ٻين ايس ايس پي قمبر کان گهر ڪئي ته فوري طور تي وڳڻ ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ۽ نااهل ايس ايچ او خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.