وڳڻ(ن پ ا) وڳڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، جي يو آءِ جي سڏ تي گل انقلابي، قاري محمد عثمان مغيري، جي ايم وڳڻ،مھراڻ ممتاز وڳڻ، عباس علي مغيري  ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي آهي،غيرمحفوظ بڻجي ويا آهيون، نوٽيس وٺي امن امان قائم ڪرايو وڃي، ٻي طرف بدامني خلاف اي پي سي به ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ چتاءُ ڏنو ويو ته ھڪ ھفتي اندر جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.