وڳڻ(ن پ ا) وڳڻ لڳ ڳوٺ جعفراڻيءَ ۾ بجلي جون يارنهن هزار وولٽيج جون تارون بوائز پرائمري اسڪول ۾ڪري پيون، بجلي جون تارون ڪرڻ سبب شاگرد ۽ استاد خوف ۾ مبتلا ٿي ويا، ٻي طرف استادن ۽ شاگردن طرفان سيپڪو عملي جي لاپرواهي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ عبدالفتاح مغيري، زبير سومرو، نثار منگي، عبدالغفار ، اسحاق تنيو ۽ ٻين چيو ته اسڪول ۽ گھرن مٿان گذرندڙ بجليءَ جون تارون ۽ پول انتھائي ڪمزور ٿي ويا آھن، شڪايتون ڪرڻ باوجود سيپڪو عملدار دانهن ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تارون اسڪول کان هٽايون وڃن.