وڳڻ(ن پ ا) وڳڻ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو، 20 ڪلاڪ بجلي بندش سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو، ان حوالي سان دڪاندارن ۽ شھرين گلاب وڳڻ، ڪامريڊ غلام حسين مغيري، الطاف وڳڻ، نيڪ محمد وڳڻ، انيس خاصخيلي، دادا عاشق چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهر ۽ ڀرپاسي هٿرادو فالٽ ڄاڻائي 20 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب روزگار بلڪل ختم ٿي ويا آهن، سڄو ڏينهن دڪانن تي واندا ويٺل ھوندا آھيون، هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.