وڳڻ ( ن پ ا ) وڳڻ لڳ ڳوٺ ٿرڙي ھاشم وٽ انڊس ھاءِ وي تي تيز رفتار ڪار اڳيان آيل ڪار کي بچائيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڻ سان ٽڪرائجي وئي. ڳڙھي خيرو جي ڳوٺ حاجي غلام نبي جا رھواسي واحد بخش بروھي، ثناءُ الله، نظير احمد، ظفر علي، عورتون نوربانو خاتون، سڪينـ خاتون، عزيز خاتون، حسنا خاتون ۽ معصوم نينگر محمد حسن سخت زخمي ٿي پيا. جن مان ٻن عورتن ۽ ٻن مردن سميت چئن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻُڌائي پئي وڃي. زخمين کي ڳوٺاڻن کڻائي وڳڻ اسپتال پھچايو. جتان کين 1122 ايمبولنسن ذريعي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. . اکين ڏٺن شاھد مطابق ته وڳڻ کان نصيرآباد طرف ويندڙ ھڪ تيز رفتار ڪار اوچتو سامھُون ايندڙ موٽرسائيڪل کي بچائيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڻ سان ٽڪرائجي وئي. جنھن سبب ھي حادثو پيش آيو. ھوڏانھُن وڳڻ پوليس حادثي جو شڪار ٿيل ڪار پنھنجي تحويل ۾ وٺي پيٽرول پمپ تي بيھاري آھي.