وڳڻ(ن پ ا) وڳڻ ڀرسان ڳوٺ خيرو جتوئي ۾ لاکڙو بيماري سبب ڪيترائي ٻار بيماري ۾ وٺجي ويا، بيمار ٻارن کي علاج جي لاءِ اسپتالن۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڳوٺ خيروخان جتوئي ۾ معصوم ٻارڙا 8 ورهين جوضامن ڀنڊ 6 ورهين جو مسعود، 5 ورهين جي ريده بتول، 4 ورهين جو ايان علي، 6 ورهين جي ثمرين ڀنڊ، 7 ورهين جي لعل خاتون، 8 ورهين جي راشده، 6 ورهين جو ياسر ڀنڊ، 4 ورهين جو سعيد ڀنڊ لاکڙي جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، جن کي وارثن طرفان اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، بيمار ٻارن جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جا ٻار لاکڙي ۾ وڪوڙجي ويا آھن، جن کي زڪام بخار ٿيڻ تي ڊاڪٽرن ڏئي کڻي وياسين ته ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ٻارڙن کي لاکڙو آھي، ان ڪري ٻارن کي احتياط ڪرائڻ جي ضرورت آھي،هنن صحت کاتي کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.