وڳڻ(ن پ ا) وڳڻ ۾ قتل ٿيل ڳوٺاڻي جا جوابدار پوليس گرفتار نه ڪري سگهي، هڪ ڏينهن اڳ ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻي عبدالستار ٽوٽاڻي کي قتل ڪيو ويو هو، مقتول جي وارثن فدا ۽ عبدالله ٽوٽاڻي موجب جوابدارن اسان سان ظلم ڪيو آهي، بيگناهه نوجوان کي ماريو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.ٻي طرف عبدالجبار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته واقعي اسان اسان جو ڪو تعلق ناھي، اسان کي بيگناھ ڦاسايو ويو آھي.