وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ ويجهو ڳوٺ جعفراڻيءَ ڀرسان وارھ_ وڳڻ روڊ تي موٽرسائيڪل ڦر ڪري مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان ڀائر فداحسين ۽ خادم سولنگي زخمي ٿي پيا،  زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف زخمين جي وارثن وڳڻ  انڊس ھاءِ وي باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج ڪندڙن خادم حسين سولنگي، قائم علي سولنگي ۽ جاويد سولنگي  مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. ٻي طرف پوليس جو چوڻ هو ته ڦر دوران زخمي ٿيڻ جو ڪوبه واقعو پيش نه آيو آھي، مغيري ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار ھلندڙ آھي.